بالي ووڊ جي نئين فلم اي بي سي ڊي ٽو سڀاڻي رليز ڪئي ويندي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي من موهڻي اداڪارا شــَراڌا ڪپور ۽ نئين اڀرندڙ اداڪار وَرُن ڌَوَن جِي فلم ”اَي بي سي ڊِي-ٽـُو“ سڀاڻي سئنيما گهرن جي زينت بڻجندي. بالي ووڊ جِي پهرين ٿـِري ڊِي ڊانس فلم جِي ڪهاڻي ماءُ جَي پيار تيٻڌل آهي، جيڪا ميـُور پوري لـِکي آهي. ريمو ڊي سوزا جِي ڊائريڪشن ۾ ٺهيل فلم ”اي بي سي ڊي-2“ ۾ مک ڪردار من موهڻي اداڪارا شــَراڌا ڪپور ۽ نئين اڀرندڙ اداڪار وَرُن ڌَوَن نڀايو آهي، جن جي اداڪاري کي تمام گهڻو ساراهيو پيو وڃي. ناليواري ڊائريڪٽر، ايڪٽر ۽ ڊانسر پرڀو ديوا به هن فلم ۾ پنهنجي شاندار اداڪاري سان گڏ ڊانس جا جوهر ڏيکاريا آهن. ”اي بي سي ڊي-ٽــُو“ ڀارت ۽ پاڪستان سميت دنيا جَي مختلف ملڪن ۾ سڀاڻي هڪ ئي وقت رليز ڪئي ويندي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *