بالي ووڊ جي ”مرداني“ فيم اداڪارا راني مکرجي ڀارت جي مشهور شوبز ميگزين ”ووگ“ جي ٽائيٽل پيج جي زينت بڻجي وئي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ”مرداني“ فيم اداڪارا راني مکرجي ڀارت جي مشهور شوبز ميگزين ”ووگ“ جي ٽائيٽل پيج جي زينت بڻي آهي، جڏهن ته هلندڙ جي شماري يعني جولاءِ 2015ع جي ووگ تي سريلنڪا جي هاٽ اداڪارا جيڪولين فرنينڊز کي فرنٽ پيج جي زينت بڻايو ويو هو، جنهن بابت چيو پي ويو ته ان کان وڌيڪ جاندار تصويرون ڪنهن به اداڪارا جون نه ٿيون ٿي سگھن، پر ادڪارا راني مکرجي پاران ”ووگ“ جي آگسٽ مهيني واري ميگزين جي ٽائيٽل پيج لاءِ فوٽو سيشن سڀني کي پنهنجي جادوءَ جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي، ”ووگ“ ٽائيٽل تي راني مکرجي هلڪي ڦلڪي پر بهترين ميڪ اپ ۾ ”پريٽي“ نظر اچي رهي آهي، کيس اڇن ۽ ڳاڙهن گُلن وارو سائو گائون پاتل آهي، جنهن ۾ هو تمام گھڻي سهڻي نظر اچي رهي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *