
ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي خوبصورت اداڪاره ديويا دتا پنهنجي نئين فلم ارادا ۾ منفرد انداز ۾ نظر ايندي جنهن ۾ مشهور اداڪار نصيرالدين شاهه ۽ ارشد وارثي به خاص ڪردار ادا ڪري رهيا آهن اداڪاره ديويا دتا فلم م هڪ انڊين سياستدان رمن ديپ جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي جيڪو پاڪستان جي اڳوڻي پرڏيهي وزير حنا رباني کر کان متاٿر ٿئي ٿي ان حُاليس ان هڪ انٽرويو ۾ ديويا دتا چيو ته فلم ۾ ان جو هي انداز ڄاڻي واڻي ناهي اختيار ڪيو پر ان جو لباس ۽ گيٽ اپ جي حنا رباني کر سان ايتري هڪجهڙائي آهي جو سڀني گهڻو پسند ڪيو هن ٻڌايو ته جڏهن هو ان گيٽ اپ ۾ سيٽ تي پهتي ته سڀ حيران هئا سڀني فيصلو ڪيو ته مان ان هڪجهڙائي کي برقرار رکان ڇو ته شوقينن پاران ان جو بهتر ريسپانس اچڻ جي اميد آهي.