
ممبئي (شوبز نيوز) اداڪاره پريانڪا چوپڙا انهن ڪجهه اداڪارن مان هڪ آهي، جيڪي سدائين خبرن جي زينت بڻيل رهندا آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ نيويارڪ ۾ مڙس نڪ جونس سان گڏ اهڙو نيڪر پهري ٻاهر نڪري آئي، جو انٽرنيٽ صارف سندس مذاق اڏائڻ لڳا. ٽائمز آف انڊيا جي رپورٽ موجب فوٽوگرافرن پريانڪا جون مختصر نيڪر ۾ تصويرون سوشل ميڊيا تي رکيون ته اداڪاره مٿان تنقيد ٿيڻ لڳي، بلڪل اهڙو ئي خاڪي نيڪر ڀارت جي هندو انتهاپسند تنظيم راشٽريه سيوڪ سنگهه (آر ايس ايس) جا ڪارڪن /ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 27
به پهريندا آهن، صارف لکيو ته وزيراعظم نريندر مودي جي راڄ ۾ آر ايس ايس جو ڪم ٿي رهيو آهي. هڪ ٻئي صارف لکيو ته اداڪاره آر ايس ايس جي گڏجاڻي ۾ شرڪت لاءِ وئي هئي، هاڻ پريانڪا به وزيراعظم بڻجندي.