
ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره ملائيڪا ڪپور 29 سالن جي ٿي وئي آهي. ڀارتي پنجاب جي گهراڻي ۾ پيدا ٿيندڙ اداڪاره جي پيءُ مرچنٽ نيوي ۾ ملازمت ڪندو آهي جڏهن ته سندس ماءُ گهريلو عورت اهي. ملائڪه ڪپور فني ڪيريئر جي شروعات 2004ع ۾ فلم ”دل بيچاره پيار ڪامرا“ سان ڪئي. هن وڌيڪ اداڪاري تامل فلمن ۾ ڪئي پر هندي فلمن کيس شهرت جي بلندي تي پهچايو. ملائڪا ڪپور جي مشهور فلمن ۾ ”ٿرلر، گن ۽ هوشيار شامل آهن.