بالي ووڊ اداڪاره سونم ڪپور سوائن فلو سبب اسپتال منتقل

احمد آباد(شوبز نيوز): بالي ووڊ اداڪاره سونم ڪپور سوائن فلو ۾ مبتلا ٿيڻ سبب اسپتال منتقل ڪئي وئي آهي ڀارتي ميڊيا مطابق سونم ڪپور گجرات جي شهر راج ڪوٽ ۾ پنهنجي نئين فلم پريم رتن ڌن پايو جي شوٽنگ ۾ مصروف هئي ته ان دوران ان کي معمولي بخار جي شڪايت تي اسپتال نيو ويو جتي ان جي ميڊيڪل ٽيسٽ کانپوءِ ڊاڪٽرن سوائن فلو جي تصديق ڪري ڇڏي جنهن کانپوءِ ان کي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو جڏهن ته ڪجهه عرصو اڳ ان ئي فلم جي شوٽنگ دوران سونم کي ساهه ۾ تڪليف سبب اسپتال منتقل ڪيو ويو هو جتي ميڊيڪل ٽيسٽ کانپوءِ ان ۾ شوگر جي مرض جي تصديق ٿي هئي، ڊاڪٽرن جو چوڻ هو ته اداڪاره جو علاج جاري آهي جڏهن ته سوائن فلو سبب ڊاڪٽرن ان کي مڪمل صحتياب ٿيڻ تائينوڌيڪ ڪم ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *