بالي ووڊ اداڪارا ڪرينا ڪپورڪلاسيڪل ڊانس سکڻ جي خواهشمند

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪرا ڪرينا ڪپور پنهجيهڪ انٽرويو ۾ چيو آهي ته مونکي ننڍ پڻ کان ئي ڪلاسيڪل ۽ ڪٿڪ ڊانس سکڻ جو شوق هو ۽ جلد ئي مان ان لاءِ تربيت وٺنديس، ڪرينا ڪپور ٻڌايو ته منهجي ڀيڻ ڪرشما ڪپور ڪلاسيڪل ناچ ۾ مهارت رکي ٿي ۽ هوءِ ان جي صلاحيت کان ڏاڍي متاثر آهي،جواني ۾ ان کي رقص ڪندي ڏسي شيشي اڳيان انهي جي نقل ڪرن جي ڪوشش ڪندي هيس،ڪرينا  کي يقين آهي ته ڀارتي عورتون پنهجي روايتي ويسن ۾ ڏاڍيون سهڻيون ڏسڻ ۾ اينديون آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ سندس چوڻ هو ته فيشن جي لاءِ اسان اولهه جي پيروي شروع ڪري ڏيندا آهيون پر هڪ عام ساڙهي به ڀارتي عورتن کي بنا ڪنهن ڪوشش جي خوبصورت بڻائي ٿي ڇڏي، جڏهن ته مداح به مونکي ڀارتي، ڪرينه هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته منهنجي تعريف ڪرڻ تي سيف علي خان ڪو به اعتراض يا ڪاوڙ نه لڳندي ڇو ته منهنجي ڀرپاسي هي سڀ تعريفون ان جي ڪري ئي آهن ۽ مان سمجهان  ٿي منهجو مڙس سيف علي خان خوشقسمت انسان آهي، ڇو ته مان سندس زندگي ۾ آهيان

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *