بالي ووڊا داڪارا پريانڪا چوپڙا ”جنجال ٽو“ جي شوٽنگ جي شروعات ڪرڻ واري آهي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊا داڪارا پريانڪا چوپڙا فلم باجي رائو مستانيءَ کان پوءِ نئين فلم ”جنجال ٽو“ جي شوٽنگ جي شروعات ڪرڻ واري آهي. پريانڪا گذريل ٻن مهينن کان آمريڪا جي اي بي سي ٽي ويءَ ۾ پنهنجو شو ”ڪوانيٽوڪ“ جي شوٽنگ ۾ مصروف هئي، جنهن کان پوءِ تازو ئي ڏيهه پهتي آهي، جتي هوءَ سنجي ليلا ڀنساليءَ جي فلم ”باجي رائو مستانيءَ“ جي شوٽنگ مڪمل ڪرائڻ کان پوءِ هدايتڪار پرڪاش جي فلم ”جنجال ٽو“ جي شوٽنگ جي شروعات ڪندي، فلم جي شوٽنگ اتر ڀارت ۾ ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *