باليوڊ اداڪاره آسن ٿوتمڪل جي گھر ۾ ڌيءُ جنم ورتو

ممبئي (شوبز نيوز) باليوڊ اداڪاره آسن ٿوتمڪل جي گھر ۾ پهرين ڌيءُ جنم ورتو، آسن ۽ راهل جي ويجھي دوست اداڪار اڪشي ڪمار ٻنهي کي ڌيءُ جي جنم  تي مبارڪون ڏيندي سوشل ميڊيا تي نينگري جي پهرين  تصوير به شيئر ڪئي، تفصيل موجب اداڪاره آسن جي ڌيءُ جي جنم تي  اڪشي ڪمار  پيغام ڏنو  ته هيءَءِ اهڙي خوشي آهي جنهن جو ڪو مقابلو ناهي، آسن ۽ راهل کي ڌيءَ جي جنم تي مبارڪ هجي، اڪشِي کانپوءِ  راهل پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ  تي ان  خبر جو اعلان ڪيو ته آسن ۽ راهل جي شآدي  گذريل سال جنوري ۾ ٿي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *