باصلاحيت فلم ميڪرز کي پنهنجو قبلو صحيح ڪرڻ گهرجي: صدف ڀٽي

لاهور(شوبز نيوز)اداڪارا ۽ ماڊل صدف ڀٽي چيو آهي ته پاڪستاني فلمن جو معيار ۽ ميڪنگ جو انداز جيستائين بهتر نه ٿيندو، تيستائين غير ملڪي فنڪارن کي سائن ڪرڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي، ميڊيا سان ڳالهائيندي اداڪاره صدف چيو ته دنيا اندر مختلف زبانون ڳالهيون وڃن ٿيون ۽ هر هڪ زبان ۾ فلمون به ٺاهيون ويون آهن، پر ان جو اهو مطلب قطئي ناهي ته فلم صرف هڪ ئي زبان لاءِ ٺاهي وڃي ٿي، اصل ته فلم جي ڪهاڻي ۽ فنڪارن جي اداڪاري اهميت رکندي آهي، جنهن کي ڏسڻ کانپوءِ اجنبي زبان هجڻ باوجود ماڻهو پسند ڪندا آهن، جيڪڏهن ائين نه هجي هان ته انگلش زبان ۾ ٺهندڙ هالي ووٽ فلمون ماڻهو گهڻو پسند ڇو ڪن ٿا، اداڪارا جو چوڻ هو ته اسان سڀ ان ڳالهه کان واقف آهيون ته يورپ، آمريڪا، آفريقا ۽ مڊل ايسٽ سميت دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ انگريزي نه ڳالهائي ويندي آهي ۽ نه ئي ان کي سمجهڻ وارن جي تعداد وڌيڪ آهي، پر ان جي باوجود زنگريزي زبان ۾ فلمون سڀ کان وڌيڪ بزنس ڪنديون آهن. جنهن جي سڀ کان وڏي وجهه فنڪارن جي ايٽنگ هوندي آهي.(۰۲)

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *