بارکان ۾ ايف سي جو آپريشن،پابندي مڙهيل تنظيم جي ڪمانڊر سوڌو 4 دهشتگرد مارجي ويا، 3 گرفتار

ڪوئيٽا (م.ڊ) فرنٽيئر ڪور بلوچستان جي بارکان جي علائقي ۾ ڪاروائي ڪئي، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پابندي مڙهيل تنظيم جي ڪمانڊر سوڌو 4 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته 4 دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو. ايف سي جي ترجمان مطابق فرنٽيئر ڪور بلوچستان جي علائقي بارکان ۾ ڳجهي ڄاڻ ملڻ تي ڪارروائي ڪئي، ڪارروائي دوران فائرنگ جي ڏي وٺ شروع ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ پابندي مڙهيل تنظيم جي اڳواڻ صحبت خان سوڌو 4 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته 3 کي گرفتار ڪيو ويو. گرفتار دهشتگردن کي اڻ ڄاتل هنڌ تي جاچ لاءِ نيو ويو، جڏهن ته علائقي جي ناڪا بندي ڪري وڌيڪ سرڇ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *