باجوڙ ۾ تيز برسات دوران گهر جي ڇت ڪري پئي، هڪ ئي ڪٽنب جا 6 ڀاتي فوت،4 زخمي

باجوڙ (م.ڊ) باجوڙ ۾ تيز طوفاني برساتن سبب گهر جي ڇت ڪرڻ جي نتيجي ۾ هڪ ئي ڪٽنب جا 6 ڀاتي فوت ٿي ويا ۽ 4 زخمي ٿي پيا. ماموند جي علائقي برهه موخا ۾ تيز برسات دوران هڪ گهر جي ڇت ڪري پئي،جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ئي ڪٽنب جا 6 ڀاتي مٽيءَ جي ڍيرن هيٺان  دٻجي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، مقامي ماڻهنپنهنجي مدد پاڻ هيٺ فوتين جا لاش ۽ زخمين کي مٽيءَ جي ڍيرن هيٺان ٻاهر ڪڍيو، جنهن کانپوءِ زخمين کي اسپتال نيوويو، جتي ڊاڪٽرن مطابق سندن حالت بهتر آهي. خيبرپختونخوا جي گورنر مهتاب عباسي حادثي تي افسوس جو اظهار ڪندي پوليٽيڪل انتظاميا کان رپورٽ گهري ورتي آهي، هن لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي آهي ته متاثر ڪٽبب جي هر ممڪن مدد ڪئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *