باب الاسلام سنڌ جي تاريخي اهميت آهي، سنڌ جو عوام چوپٽ راڄ کان بيزار آهي: فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم جي سڌ سماءَ جي خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته سنڌ جو عوام چوپٽ راڄ کان بيزار آهي، وزيراعظم عمران خان ڪراچي جي عوام جي ڏکن تي مرحم ۽ شهر جي روشنين کي وڌيڪ بحال ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو آهي، سومر تي وزيراعظم عمران خان جي ڪراچي جي دوري جي حوالي سان ٽوئيٽر تي هن چيو ته ڪراچي پاڪستان جو معاشي مرڪز آهي، هن چيو ته وزيراعظم ايم ڪيو ايم ۽  جي ڊي اي جي اڳواڻن سان ملي اصلاح احوال جي راهه هموار ڪندو، هن چيو ته باب الاسلام سنڌ جي تاريخي اهميت آهي، ان کي معاشي طور تي مستحڪم ڪرڻ اسان جي پهرين ترجيح آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *