بابر اعظم ۽ فخرالزمان سي پي ايل سان معاهدو ڪري ورتو

لاهور(شوبر نيوز) قومي ڪرڪيٽ تيم جي اوپنر فخرالزمان ۽ مڊل آرڊر بيٽسمين بابر اعظم جو ڪيريبيئن پريميئر ليگ سان معاهدو ٿي ويو آهي چيمپيئنز ٽرافي کانپوءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرن تي پرڏيهي انتطاميا جو اعتماد وڌڻ لڳو آهي ذريعن مطابق قومي ڪرڪيٽ تيم جي وڌيڪ ٻن رانديگرن انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ليگ سان ڪانٽريڪٽ سائن ڪري ورتو آهي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو جارحاڻو بيٽسمين فخرالزمان ۽ مڊل آرڊر بيٽسمين بابر اعظم سي پي ايل ۾ ان ايڪشن هوندا ٻنهي رانديگرن سان معاهدو چيمپيئنز ٽرافي ۾ بهترين ڪارڪردگي سبب ڪيو ويو ان کان اڳ حسن علي ۽ شاداب خان جو به ڪيريبين ليگ سان معاهدو ٿي چڪو آهي ڪيريبيئن ڪرڪيٽ ليگ ۴ آگسٽ کان ۱۰ سيپٽمبر تائين جاري رهندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *