
برمنگهم (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اسٽار بيٽسمين بابر اعظم کي ون ڊي انٽرنيشنل ڪيريئر جون 3 هزار رنسون مڪمل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ 29 رنسون گهربل آهن.ان ڳالهه جا پڪا امڪان آهن ته هو سڀاڻي اربع تي نيوزيلينڊ خلاف شيڊيول ورلڊ ڪپ ميچ ۾ 3 هزار رنسون مڪمل ڪري وٺندو، جيڪڏهن بابر ڪامياب ٿيو ته هو 3 هزار ون ڊي انٽرنيشنل رنسون مڪمل ڪندڙ 20هون پاڪستاني /ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 06
بيٽسمين بڻجي ويندو.بابر هيل تائين 69 ميچن ۾ 9 شاندار سينچرين ۽ 14 ففٽين جي مدد سان 2971 رنسون ٺاهي چڪو آهي، ان سان گڏوگڏ بابر اعظم وٽ تيز ترين 3 هزار رنسون مڪمل ڪري دنيا جو ٻيو بيٽسمين بڻجڻ جو به سنهري موقعو آهي.