بابر اعظم هڪ ٻيو منفرد رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو

 

پرٿ: (اسپورٽس نيوز) قومي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم هڪ ٻيو منفرد رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو.قومي ٽيم طرفان 36 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ پاڪستان جي ٽيم جي نمائندگي ڪندڙ بابر اعظم کي دنيا جي ڪابه ٽيم زيرو تي آئوٽ ناهي ڪري سگهي.بابر اعظم کان علاوه اهو اعزاز ڏکڻ آفريڪا جي فاف ڊپوليسي ۽ ويسٽ انڊيز جي مارلن سيموئلز کي به حاصل آهي. بابر اعظم هينئر تائين 36 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ 12 ففٽين جي مدد سان 1405 رنسون ٺاهڻ جو اعزاز رکي ٿو.هن 7 سيپٽمبر 2016 تي انگلينڊ جي خلاف مانچسٽر ۾ ڊبيو ڪيو ۽ آخري ميچ 8 نومبر 2019 تي پرٿ ۾ آسٽريليا جي خلاف کيڏيو.ويسٽ انڊيز جي مارلن سموئلز هينئر تائين 67 ميچن ۾ 10 ففٽين جي مدد سان 1611 رنسون ٺاهڻ جو اعزاز رکي ٿو.اهڙي طرح ڏکڻ آفريڪا جي فاف ڊوپليسي کي به دنيا جي ڪابه ٽيم زيرو تي آئوٽ ناهي ڪري سگهي هو 44 ميچن ۾ 9 ففٽين جي مدد سان 1363 رنسون ٺاهي چڪو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *