بابر اعظم جو ورلڊ ڪپ اسڪواڊ تي اختلاف، پي سي بي اهم بيان جاري ڪري ڇڏيو

لاهور (اسپورٽس نيوز) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ قومي اسڪواڊ جو اعلان ٿيڻ کانپوءِ نه رڳو شوقين ٽيم مئنيجمينٽ تي ڏمريل آهن پر اهڙيون خبرون به سامهون آيون هيون ته قومي ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم سليڪشن مان مطمئن ناهي.چيف سليڪٽر محمد وسيم ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو هو، جنهن ۾ آصف علي، خوشدل شاهه ۽ اعظم خان جي شموليت تي شوقين آپي مان نڪري ويا ۽ مئنيجمينٽ تي سخت تنقيد جو سلسلو اڃا تائين جاري آهي.هوڏانهن قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم بابت به اهي خبرون سامهون آيون هيون ته هو به سليڪشن مان مطمئن ناهي، بابر اعظم اسڪواڊ ۾ فهيم اشرف ۽ فخر زمان جي شموليت جي حق ۾ هو، ان حوالي سان هن رميز راجا کي ٻه ڀيرا فون به ڪئي پر رميز راجا ڪپتان کي چيو ته توهان راند تي وڌيڪ فوڪس ڪيو، رانديگرن کي شامل ڪرڻ ۽ ڪڍڻ تي ڌيان گهٽ ڏيو.هاڻ ان سلسلي ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ وضاحت ڏيندي چيو آهي ته بابر اعظم ايندڙ مهيني ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ چونڊيل ٽيم مان خوش آهي.پي سي بي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي اسڪواڊ بابت حقيقتن جي ابتڙ خبرون گردش ڪري رهيون آهن، ايندڙ عالمي اسائنمنٽس لاءِ اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي ۽ ڪپتان بابر اعظم هدايتن جي مڪمل حمايت ڪري ٿو.بورڊ موجب اڱاري ڏينهن ڪجهه رانديگرن جي رميز راجا سان سٺي ۽ هاڪاري ملاقات ٿي، جنهن ۾ ايندڙ سيريز ۽ عالمي ڪپ لاءِ طريقي ڪار تي اتفاق ڪيو ويو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *