بابر اعظم، عبدالله شفيق ۽ محمد رضوان جي شاندار بيٽنگ، ڪراچي ٽيسٽ ڊرا

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستاني ٽيم ڪپتان بابر اعظم، عبدالله شفيق ۽ محمد رضوان جي شاندار بيٽنگ جي مدد سان ڪراچي ٽيسٽ ميچ ڊرا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي.ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ جي آخري ڏينهن پاڪستان پنهنجي رهيل اننگز ٻه وڪيٽن جي نقصان تي 192 رنسن کان شروع ڪئي.ڪريز تي موجود بابر اعظم ۽ عبدالله شفيق دفاعي انداز اختيار ڪيو ۽ آسٽريلوي بالرن کي وڪيٽ وٺڻ نه ڏني پر کاڌي جي وقفي کانپوءِ ڪجهه اوور اڳ ۾ عبدالله شفيق نروس نائنٽيز جو شڪار ٿي ويو، هن 228 بالن تي 96 رنسن جي اننگز کيڏي.کاڌي جي وقفي کانپوءِ فواد عالم به آئوٽ ٿي ويو، جنهن رڳو 9 رنسون ٺاهيون، جنهن کانپوءِ نائب ڪپتان محمد رضوان بيٽنگ ڪرڻ آيو ۽ بابر اعظم سان گڏجي محتاط انداز ۾ اسڪور اڳتي وڌائڻ جو سلسلو جاري رکيو.ٻنهي چانهه جي وقفي تائين بيٽنگ ڪئي، بابر اعظم ان دوران پنهنجون 150 رنسون مڪمل ڪري ورتيون، چانهه جي وقفي کانپوءِ بابر اعظم پنهنجي ٽيسٽ ڪيريئر ۾ پهرين ڊبل سينچري کان رڳو 4 رنسون پوئتي هو ته نيٿن ليون جي بال تي آئوٽ ٿي ويو، جنهن جي ايندڙ بال تي فهيم اشرف کاتو کولڻ بنا ئي پويلين موٽي ويو.نئون ايندڙ بيٽسمين ساجد خان به 9 رنسن جو مهمان ثابت ٿيو، جنهن کانپوءِ ميچ دلچسپ صورتحال اختيار ڪري وئي پر ٻئي پاسي ڏانهن محمد رضوان ذميواراڻي بيٽنگ جو سلسلو جاري رکيو ۽ نه رڳو پنهنجي سينچري مڪمل ڪئي ٽيم کي شڪست کان به بچايو.پاڪستان راند ختم ٿيڻ تائين 7 وڪيٽن جي نقصان تي 438 رنسون ٺاهيون، محمد رضوان 104 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.آسٽريليا طرفان نيٿن ليون 4، پيٽ ڪمنز 2، جڏهن ته ڪيمرون گرين هڪ وڪيٽ ورتي.واضح رهي ته آسٽريليا پهرين اننگز 9 وڪيٽن جي نقصان تي 556 رنسون ٺاهي ۽ ٻي اننگز 2 وڪيٽن جي نقصان تي 97 رنسون ٺاهي ڊڪليئر ڪئي هئي، جڏهن ته قومي ٽيم پهرين اننگز ۾ 148 رنسن تي ڍير ٿي وئي هئي.پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ 3 ميچن جي سيريز بنا ڪنهن ڪاميابي جي برابر آهي، جڏهن ته ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ 21 مارچ کان لاهور ۾ شروع ٿيندي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *