بابري مسجد شهيد ڪري مسلمانن جي اعتماد کي دوکو ڏنو ويو: پرناب مکرجي

نئين دهلي (م.ڊ) ڀارتي صدر پرناب مکرجي جو چوڻ آهي ته بابري مسجد شهيد ڪري مسلمانن جي اعتماد کي دوکو ڏنو ويو،جنهن جي ڪري سڀني ڀارتي شهرين جا منهن شرم وچان هيٺ جهڪي وڃڻ گهرجن.سندس چوڻ هو ته 1984 ع دوران  ايوڌيا ۾ رام جنم ڀومسي مندر کولڻ وارو به فيصلو غلط هيو.بابري مسجد جي شهادت ۽ رام مندر جي معاملي تي ڀارتي صدر پرناب مکرجي به موقف کڻي سامهون اچي ويو.پنهنجي نئين ڪتاب “دي ٽربولينٽ ايئرز” ۾ هُن لکيو آهي ته بابري مسجد شهيد ڪري مسلمانن جي احساسن کي جروع ڪيو آهي،جنهن تي سڄي ڀارت جي ماڻهن جو ڪنڌ شرم وچان هيٺ جهڪي وڃڻ گهرجي، سندس چوڻ هو ته بابري مسجد جي شهادت وزيراعظم رهندڙ نرسمها رائوءُ جي سڀ کان وڏي نڪامي هئي، نرسمها رائو کي بابري مسجد جي شهادت روڪڻ لاءِ ملڪ جي سڀني پارٽين جي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪرڻ گهربيون هيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *