بااختيار جوڊيشل ڪميشن بڻجي وڃي ته اسيمبلين ۾ وينداسين: عمران خان

جده(م.ڊ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جو چوڻ آهي ته چونڊ ڌانڌلي بابت حڪومت ڪمزور جوڊيشل ڪميشن بڻائڻ چاهي ٿي ان لاءِ بااخيار ڪميشن قائم ٿيڻ تائين اسيمبلين ۾ نه وينداسين، سعودي عرب جي شهر جدي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان جو چوڻ هو ته حڪمرانن جو احتساب نه ٿو ٿئي ان لاءِ ٻن خاندانن وارا ورهائي رکيا آهن آزاد عدليه بغير شفاف چونڊون ممڪن ناهن ۽ موجوده حڪومت چونڊ ڌانڌلي جي جاچ ۾ سنجيده ناهي ان لاءِ حڪومت ڪمزور جوڊيشل ڪميشن بڻائڻ چاهي ٿي جڏهن ته بااختيار جوڊيشل ڪميشن قائم ڪرڻ تائين اسيمبلين ۾ نه وينداسين، هن چيو ته پشاور سانهي کانپوءِ حڪومت جي ان لاءِ حمايت ڪئي ته اهو نه چيو وڃي ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اسان جي ڪري ڪا رڪاوٽ آهي جڏهن ته ان کان اڳ ڪجهه به ٿيندو هو ته ڌرڻن تي الزام هنيو ويندو هو ۽ هاڻ ته ڌرڻو به ناهي ته پيٽرول بحران ڪيئن پيدا ٿي ويو ۽ ان تي سرچارج ڇو لڳايو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *