بائيو سيڪيور ببل مان نڪرڻ ۽ معاوضي ۾ واڌ تي امام الحق جي عيد ٿي وئي

لاهور  (اسپورٽس نيوز) پاڪستاني نوجوان بيٽر امام الحق پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ واڌ تي خوشي جو اظهار ڪندي ان کي سٺو سنئوڻ قرار ڏنو آهي.ميڊيا سان ڳالهائيندي امام الحق جو چوڻ هو ته رانديگرن جي سينٽرل ڪانٽريڪٽ جي معاضي ۾ واڌ سٺو سنئوڻ آهي.کاٻڙي بيٽر چيو ته آسٽريليا جهڙي وڏي ٽيم خلاف پرفارم ڪندي مورال بلند ٿيندو آهي، ويسٽ انڊيز ۽ سريلنڪا لاءِ سمورا رانديگر تيار آهن.هن اهو به چيو ته مون کي جنهن نمبر تي موقعو ملندو ڪوشش ڪندس ته پرفارم ڪريان.بائيوسيڪيور ببل کي رانديگرن لاءِ پريشاني جوڳو عمل قرار ڏيندي هن چيو ته ويسٽ انڊيز سيريز ۾ بائيو سيڪيور ببل نه هجڻ ائين آهي جيئن عيد هجي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *