
لاهور: (اسپورٽس نيوز) پاڪستان وومين ڪرڪيت ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ثنا مير کي ايشيا گيم چينچر ايوارڊ لاءِ چونڊ ڪيو ويو آهي.تفصيل موجب پاڪستان وومين ڪرڪيت ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ثنا مير کي ايشيا گيم چينجر ايوارڊ لاءِ چونڊ ڪيو ويو.ايشيا سوسائٽي طرفان ثنا مير کي راندين ۾ بهترين ڪارڪردگي جي ايوارڊ جي لاءِ چونڊ ڪيو ويو آهي.ايشيا گيم چينجر ايوارڊ جي تقريب 24 آڪتوبر تي نيويارڪ ۾ ٿيندي جنهن ۾ ثناءَ مير سميت خطي جي ڇهن عورتن کي ايوارڊ ڏنو ويندو.