اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر مدثر نذر ۽ عاقب جاويد کي پي سي بي جو حصو بڻائڻ لاءِ ڳالهه ٻولهه جو سلسلو جاري

لاهور (اي پي پي) اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر مدثر نذر ۽ عاقب جاويد کي پي سي بي جو حصو بڻائڻ لاءِ پي سي بي اختيارين ۽ ٻنهي ڪرڪيٽرن وچ ۾ ڳالهه ٻولهه جو سلسلو جاري اهي ۽ اميد ڪئي پئي وڃي ته ٻئي ڪرڪيٽر جلد ئي پي سي بي جو حصو هوندا. عاقب جاويد يو اي اي ڪوچنگ تان استعيفيٰ کان پوءِ لاهور قلندر ۾ ڊائريڪٽر ڪرڪيٽ آپريشنز جي عهدي تي مقرر ٿي چڪو آهي جڏهن ته مدثر نذر پڻ لاهور قلندر جو آءِ ڪون بڻجي چڪو آهي. ٻنهي ڪرڪيٽرن ملڪ لاءِ پنهنجون خدمتون پيش ڪرڻ لاءِ پي سي بي اختيارين کي رضامندي کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. مدثر نذر جو چوڻ آهي ته پي سي بي جي اڪيڊمي ۾ ڊولپمينٽ جو ڪم وسيع پيماني تي شروع نه ٿو ڪيو وڃي ته پوءِ اڪيڊمي ۾ ڪم ڪرڻ ۾ مون کي ڪا دلچسپي نه هوندي. ملڪ جي خدمتن لاءِ هر وقت حاضر آهيان. عاقب جاويد جو چوڻ آهي ته آئون جيڪو ڪجهه آهيان پاڪستان سبب آهيان ۽ ملڪ لاءِ خدمتون پيش رڪڻ منهنجي پهرين ترجيح آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پي سي بي اختياريون پڻ ٻنهي اڳوڻن ڪرڪيٽرن جون خدمتون حاصل ڪرڻ لاءِ سنجيدگي سان غور ڪري رهيون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *