اڳوڻي وفاقي وزير ڊاڪٽر عاصم حسين کان جاچ ۾ اهم اڳڀرائي، پنهنجي ڪرپشن جا راز کولي ڇڏيا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاير ايجوڪيشن جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وفاقي وزير ڊاڪٽر عاصم حسين کان جاچ ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، ڊاڪٽر عاصم پنهنجي ڪرپشن جا راز کولي ڇڏيا آهن، ذريعن موجب ڊاڪٽر عاصم جي انڪشافکانپوءِ ان جي خلاف 7 ريفرنس نيب کي موڪلڻ جو  فيصلو ڪيو ويو آهي، ذريعن مطابق ضياءُ الدين اسپتال ڪلنفٽن تي ڇاپي دوران گرفتار ٿيل مينٽيننس انچارج محفوظ ڪرپشن سميت اهم ٻين دستاويزن جي منتقلي ڪندي پڪڙيو ويو، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڳجهي اطلاع تي محفوظ کي گرفتار ڪر ي ڊاڪٽر عاصم جي ڪرپشن بابت اهم دستاويز قبضي ۾ وٺي ڇڏيا، ذريعن جو چوڻ آهي ته محفوظ جي نشاندهي تي وڌيڪ گرفتاريون به ٿي سگهن ٿيون. شعيب وارثي جي بابت خبر پئي آهي ته ان سرڪاري رڪارڊ ۾ ڊاڪٽر عاصم جي ملي ڀڳت سان پنهنجي عمر 4 سال گهٽ ڪرائي، عمر گهٽ ٿيڻ کانپوءِ شعيب وارثي ايس ايس جي سي ۾ ترقي حاصل ڪري صرف پگهارن جي مد ۾ 15 ڪروڙ رپيا ڪرپشن ڪيا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *