اڳوڻي وزير اعظم جي نيب عدالت ۾ شاهي انداز ۾ پيشي، فيصلو محفوظ

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) احتساب عدالت شريف خاندان خلاف ٽنهي ريفرنسز کي گڏ ڪرڻ جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف پنهنجي نياڻي مريم نواز ۽ ناٺي ڪيپٽن رٽائر صفدر سميت پهريون ڀيرو گڏجي احتساب عدالت ۾ پيش ٿيو. احتساب عدالت جي جج محمد بشير نيب طرفان داخل ٽن ريفرنسز تي ٻڌڻي ڪئي. اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن صفدر پهريون ڀيرو گڏجي هڪ ئي گاڏي ۾ سوار ٿي احتساب عدالت پهتا. اڳوڻي وزيراعظم جي وڪيل خواجه حارث دليل ڏيندي چيو ته الزام آهي ته نواز شريف اثاثن جي قانوني حيثيت ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي، تاثر آهي ته لنڊن فليٽس نواز شريف جي ملڪيت آهن. هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم خلاف ٽئي ريفرنسز عبوري آهن، هي ريفرنس هڪ ئي آهي، جي آءِ ٽِي جي رپورٽ تي داخل ٿيا ۽ اهڙن ڪيسن جا شاهد به گڏيل آهن، ٽنهي ريفرنسز کي هڪ ريفرنس بڻائي فائل ڪرڻ گهرجي، عدالت هڪ ئي فرد جرم لاڳو ڪري. خواجه حارث اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو فيصلو پڙهي ٻڌايو ۽ عدالت کي ٽئي ريفرنسز گڏائڻ جي درخواست ڪئي. ٻڌڻي دوران عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سيڪشن 17 بي تحت درخواست اڪلائڻ جو حڪم ڏنو آهي. نيب پراسيڪيوٽر ريفرنسز گڏائڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي. عدالت خواجه حارث جا دليل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ٻڌڻي ڪجهه دير لاءِ ملتوي ڪئي ۽ فيصلو محفوظ ڪيو. عدالت جي اجازت کانپوءِ اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن صفدر پنجاب هائوس پهتا. شريف خاندان خلاف ريفرنسز جي ٻڌڻي دوران جوڊيشل اڪيڊمي ٻاهران حفاظتي انتظام سخت ڪيا ويا. جوڊيشل ڪمپليڪس ۾ عام ۽ اڻ لاڳاپيل ماڻهن جي داخلا تي پابندي لڳائي وئي. سڪيورٽي لاءِ 2 ايس ايس پيز، 6 ڊي ايس پيز ۽ 10 انسپيڪٽرن سميت هڪ هزار کان وڌيڪ اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو. عورت اهلڪار به ڊيوٽي تي مقرر رهيون، جڏهن ته رينجرز جو ڪو به اهلڪار مقرر نه ڪيو ويو. جوڊيشل ڪمپليڪس ۾ ليگي ڪارڪنن جو وڏو انگ پڻ پهتو، جيڪي نواز شريف جي حق ۾ نعريبازي ڪري رهيا هئا. ليگي اڳواڻ امير مقام، تهمينا دولتانه، ميئر اسلام آباد شيخ انصر، حنيف عباسي، آصف ڪرماني ۽ ٻيا به قافلي جي صورت ۾ احتساب عدالت پهتا. راجا ظفر الحق، دانيال عزيز، طلال چوڌري، ڊاڪٽر طارق چوڌري ۽ ٻيا به عدالت ۾ موجود هئا.

اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته عدالتن مان ڀڄڻ وارا ناهيون، ڀڄڻ وارا ڀڄي ويا تنهن هوندي موجوده حالتن ۾ ڪامياب ٿي وينداسين. اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف احتساب عدالت ۾ پيشي ۽ پنجاب هائوس ۾ پارٽي اڳواڻن ۽ ٻين سان ملاقات کان پوءِ ڌي مريم نواز سان گڏ مري لاءِ روانو ٿي ويو. پنجاب هائوس ۾ نواز شريف پارٽي اڳواڻن سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه دوران چيو ته عوام سان گڏ رشتو قائم آهي ۽ اميد آهي ته عوام هڪ ڀيرو ٻيهر اعتماد ڪندو، 7 سالن جي جلاوطني به عوام سان رشتو نه ٽوڙي سگهي. هن چيو ته موجوده حالتن ۾ ڪامياب ٿي وينداسين، عدالتن کي پهرين به منهن ڏنو ۽ اڳتي به عدالتن ۾ پيش ٿينداسين. هن وڌيڪ چيو ته عدالتن مان ڀڄڻ وارا ٻيا ماڻهو آهن، جنهن کي ڀڄڻو هو اهي ڀڄي ويا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *