اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جو اغوا ٿي ويل پٽ علي حيدر گيلاني افغانستان مان بازياب

اسلام آباد(اي پي پي) پرڏيهي کاتي جي ترجمان اڳوڻي وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني جي اغوا ٿيل پٽ علي حيدر گيلاني جي افغانستان جي علائقي غزني ۾ آمريڪا ۽ افغان فورسز جي گڏيل ڪارروائي دوران بازيابي جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي کاتي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته افغان نيشنل سيڪيورٽي ايڊوائزر محمد حنيف اتمار پرڏيهي معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار سرتاج عزيز کي ٽيليفون ڪري علي حيدر گيلاني جي بازيابي جو اطلاع ڏنو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪا ۽ افغان سيڪيورٽي فورسز جي گڏيل آپريشن دوران اڳوڻي وزيراعظم سيد يوسف رضاگيلاني جي پٽ سيد علي حيدر گيلاني کي بازياب ڪرايو ويو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته علي حيدر گيلاني جي پاڪستان منتقلي جي ڪارروائي سندس طبي معائني بعد فوري طور تي ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *