اڳوڻي اسپيڪر فهميده مرزا سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سان ملاقات

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر فهميده مرزا سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس فيصل عرب سان ملاقات ڪري ذوالفقار مرزا جي معاملي تي خدشن کان آگاهه ڪيو آهي. فهميده مرزا سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سان ملاقات ۾ کيس ذوالفقار مرزا جي معاملي کان آگاهه ڪندي چيو ته ذوالفقار مرزا جي جان کي خطرو آهي. ذريعن موجب فهميده مرزا چيف جسٽس کي آگاهه ڪيو آهي ته ذوالفقار مرزا کي جاني نقصان پهچائڻ جي سازش ڪئي وئي آهي، عدالت ٻاهران اهڙو ماحول ٺاهيو ويو آهي ته جهيڙو ٿئي ۽ ذوالفقار مرزا کي نقصان پهچي، معاملي جو نوٽيس ورتو وڃي ان کان اڳ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي فهميده مرزا چيو ته پوليس ذوالفقار مرزا کي گرفتار ڪرڻ چاهي ٿي، ذوالفقار مرزا کي سنڌ حڪومت مان خطرو آهي. فهميده مرزا چيو ته ذوالفقار مرزا جي عدالت ۾ پيشي دوران اهڙو ماحول ٺاهيو ويو آهي جو جيئن هو عدالت مان نڪري ته کيس گرفتار ڪيو وڃي. فهميده مرزا چيو ته سنڌ حڪومت هوش کان ڪم وٺي، ڪنهن کي ڪنهن معاملي تي اعتراض آهن ته عدالتن جا دروازا کليل آهن، ذوالفقار مرزا کي ڪجهه به ٿيو ته ذميوار سنڌ حڪومت هوندي. هن چيو ته درخشان ٿاڻي ٻاهران ذوالفقار مرزا جي وڊيو ۾ هو اهو چئي رهيو هو ته ڇتين تي نشاني باز بيٺا آهن، انهن تي نظر رکجو، جيڪڏهن اهي گوليون هلائين ته پوءِ اوهان کي گوليون هلائڻيون آهن، ذوالفقار مرزا ڇت ڏانهن اشارو ڪيو، اهو ٻڌايو وڃي ته ڇتين تي ڪير بيٺا هئا ۽ ڇو بيٺا هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *