اڳوڻي آرمي چيف جنرل راحيل شريف ايندڙ مهيني اسلامي اتحادي فورسز جي ڪمان سنڀاليندو

اسلام آباد (اين اين آءِ) اڳوڻو آرمي چيف جنرل راحيل شريف ايندڙ مهيني ۾ دهشتگردي خلاف جنگ لاءِ سعودي عرب جي سربراهي ۾ قائم ٿيندڙ 39 اسلامي ملڪن جي اتحادي فوج جي اڳواڻ جو عهدو سنڀاليندو جنهن کي مسلم نيٽو جو نالو ڏنو ويو آهي. نجي ٽي وي موجب اڳوڻي جنرل جي ويجهي دوست اعجاز اعواڻ ٻڌايو ته ان معاملي تي سعودي عرب ۽ پاڪستاني حڪومت وچ ۾ اتفاق راءِ قائم ٿي ويو آهي جنهن کانپوءِ حڪومت راحيل شريف کي اتحاد ۾ شموليت لاءِ عدم اعتراض سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو آهي. هن چيو ته اڳوڻو آرمي چيف مئي ۾ پهريان کان طئه ٿيل اتحادي ملڪن جي بچاءَ وارن وزيرن جي اجلاس جي موقعي تي حلف کڻي سگهي ٿو ان اجلاس ۾ فورسز جو ڍانچو اتحادي ملڪن جي اهلڪارن جو انگ ۽ وڌيڪ معاملن جي حوالي سان اهم فيصلا ٿيڻ جو امڪان آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *