اڳوڻو چيف جسٽس پاڻ کي ڪليئر نٿو ڪري سگهي ته ڪير عدالتن تي اعتماد ڪندو؟: ن ليگ

اسلام آباد (م.ڊ) نواز ليگ اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار کان رانا شميم جيان حلف نامو پيش ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آھي، اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته اڳوڻو چيف جسٽس پاڻ کي ڪليئر نٿو ڪري سگهي ته ڪيتر عدالتن تي اعتماد ڪندو؟ ھن چيو تھ  اعليٰ عدليه جو ڪم آهي ته هن ڪيس جي جاچ ڪري، جيڪا عدالت هڪ اقامي تي وزيراعظم کي نيڪالي ڏئي سگهي ٿي، اُها پنهنجي جج کان پڇاڻو ڇو نٿي ڪري سگهي، اهو به فيصلو ڪرڻو هوندو ته اليڪشن ڪميشن جي وهنوار ۾ چيف جسٽس جي مداخلت جي ڪهڙي اهميت آهي، اسان جي ملڪ جي حالت اها آهي جو بئنچ ڏسي وڪيل ٻڌائيندو آهي ته فلاڻو فيصلو ايندو,

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *