اڳئين حڪومت جي پٿر دلي سان قوم جا ساڍا 3 سال ضايع ٿي ويا: شھباز شريف

لاهور (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته جيڪڏهن عمران خان ملڪ ۾ گهرو ويڙهه چاهي ٿو ته اها سندس ڀُل آهي، قوم اها سازش ناڪام بڻائي ڇڏيندي. لاهور ۾ پاڪستان ڪڊني اينڊ ليور انسٽيٽيوٽ جي دوري دوران صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته جيڪڏهن عمران خان ملڪ ۾ گهرو ويڙهه ڪرائڻ چاهي ٿو ته قوم ان کي نه ڇڏيندي، هيءَ قوم عمران نيازي کي معاف نه ڪندي، توهان جو ڳلو ۽ قوم جو هٿ هوندو. هن چيو ته عمران نيازي هن قوم کي اخلاقي طور تباهه ڪري ڇڏيو آهي، جيڪي لفظ هن استعمال ڪيا، ان سان سڄي قوم جو ڪنڌ  شرم وچان جهڪي و يو، عمران نيازي رات ڏينهن نيب تي سوار رهندو هو، مان ڪوٽ لکپت جيل ويس ته چيو ويو هن کي پَٽ تي سمهاريو، مون کي بڪتربند گاڏي ۾ ويهاريو ويو ته جيئن چيلهه ۾ تڪليف ٿئي، مان 2018 ۾ چيو هو ته چارٽر آف اڪانامي ڪيو پر ان کي ٿڏيو ويو. سندس چوڻ هو ته عمران خان جي هٺ ڌرمي سبب هن اسپتال جا 3 سال ضايع ٿيا، پي ڪي ايل آءِ ۾ 50 سيڪڙو مريضن جو مفت علاج ٿيندو، پي ڪي آءِ ايل تي 20 ارب لڳا هئا، هڪ ٽڪي جي ڪرپشن  نه ڪڍي سگهيا. شهباز شريف چيو ته عمران نيازي کي مخالفن کي ڀت سان لڳائڻ مان فرصت نه هئي، وٽس اسپتالن، روڊن ۽ خوشحالي لاءِ فرصت نه هئي، ڪيترائي ماڻهو بيروزگار ٿي ويا، هڪ کي نوڪري نه ملي، عمران نيازي وٽ گارگند کانسواءِ  ڪجهه نه هو، نئين پاڪستان جي ڳالهه ڪندڙ عوام کي هڪ سبسڊي نه ڏني.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *