اڊيالا جيل لڳ حساس ادارن جي ڪارروائي، 2 عورتن ۽ ٻارڙي سميت 5 دهشتگرد مارجي ويا، سب انسپيڪٽر شهيد

راولپنڊي (بيورو) راولپنڊي ۾ پوليس ۽ حساس ادارن جي گڏيل ڪارروائي دوران مارجي ويل دهشتگردن جي سڃاڻپ ٿي وئي، پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويلن ۾ 2 عورتون، 2 مرد ۽ هڪ ٻارڙو شامل آهي، جن جو تعلق قبائلي علائقي سان هو. راولپنڊي جي علائقي چڪري ۾ ڳجهن ادارن ۽ پوليس جي گڏيل ڪارروائي ۾ 5 مبينا دهشتگرد مارجي ويا ۽ ٽـِن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته دهشتگردن جي فائرنگ ۾ ايليٽ فورس جو سب انسپيڪٽر به شهيد ٿي ويو. ڳجهن ادارن، پوليس جي وڏي نفري سان گڏ اڊيالا جيل ويجهو چڪري واري علائقي ۾ هڪ گهر تي ڇاپو هنيو ته اتي موجود دهشتگردن فائرنگ شروع ڪري ڏني. فائرنگ جي نتيجي ۾ ايليٽ فورس جو سب انسپيڪٽر ارشاد جان شهيد ٿي ويو ۽ 3 اهلڪار زخمي ٿي پيا. پوليس ۽ ڳجهن ادارن جوابي ڪارروائي ڪري ٻن عورتن ۽ هڪ ٻارڙي سميت 5 مبينا دهشتگردن کي ماري وڌو، جڏهن ته ٽن دهشتگردن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگردن ٻن عورتن حميرا قيصر، ملائڪا خاتون،  قيصر ۽ مصطفيٰ طور سڃاڻپ ٿي آهي، جن جو واسطو قبائلي علائقي سان هو. ذريعن جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگرد محرم الحرام جي موقعي تي راولپنڊي ۾ تخريبڪاري جي رٿابندي ڪري رهيا هئا. دهشتگردن جي قبضي مان بارود سان ڀريل گاڏي به هٿ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته گرفتار دهشتگردن کي اڻڄاتل هنڌ تي منتقل ڪيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *