اڄ کان ڪوئيٽا -زاهدان ريلوي سروس شروع ٿي رهي آهي: خواجا سعد رفيق

لاهور (بيورو) ريلوي جي وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته اڄ کان ڪوئيٽا -زاهدان ريلوي سروس شروع ٿي رهي آهي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ريلوي ۾ اڃان تائين پرڏيهي سيڙپ نه ٿي آهي. هن چيو ته هلندڙ مالي سال ۾ ريلوي کي 28 ارب رپيا ڪمائڻ جو هدف ڏنو ويو آهي. خواجا سعد رفيق چيو ته ريلوي جي بحالي لاءِ اثرائتا قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته اهو ڏينهن پري ناهي، جڏهن پاڪستاني ريلوي خطي جي بهترين ريلوي سروس هوندي. هن چيو ته ڪوئيٽا-زاهدان ريلوي ٽريڪ تي ڪم ڪندڙ ملازمن کي خاص الائونس ڏنو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *