اڄ پاڪستان جي عوام لاءِ ڪارو ڏينهن آهي: سراج الحق

بنون (مانيٽرنگ ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي مرڪزي امير سراج الحق چيو آهي ته اڄ پاڪستان جي عوام لاءِ ڪارو ڏينهن آهي، بنگلاديش جماعت اسلامي جي اڳواڻن امام حسين جي ياد تازي ڪئي آهي، ڇو ته امام حسين زيد جي هٿان بعيت وٺڻ کان انڪار ڪري پنهنجي جانين جا نظرا پيش ڪيا ۽ شهادتکي ترجيح ڏني، بنگلاديش ۾ جماعت اسلامي جي جنرل سيڪريٽري علي حسن مجاهد ۽ مرڪزي اڳواڻ صلاح الدين قادر کي بنگلاديش کي ڍاڪا جيل ۾ ڦاهي ڏني وئي ۽ ان جي لاشن کي وارثن حوالي ڪري اماڻي علائقن ۾ دفنايو آهي، هن اسلامي انقلاب جي خطاب ڪندي چيو ته سوال اهو آهي ته 40 سالن کانپوءِ جماعت اسلامي بنگلاديش جي جنرل سيڪريٽري علي حسن مجاهد، مرڪزي اڳواڻ مطعين رحمان نظامي تي ڇو ڪيس هلايو، ان جو ڏوهه اهو آهي ته هن 1971 ۾ پاڪستان ۽ پاڪ فوج جو جهنڊو ۽ نالي ۽ نظري سان وفاداري ڪئي ۽ ان کي ڦاهي جي سزا ڏني وئي. ان عدالت ۾ پڇيو ويو ته توهان پنهنجي غلطي کي تسليم ڪيو ٿا ته هن چيو ته اسان 1978 ۾ ان وقت مغربي پاڪستان صوبي جي نه پر نظريي جي حمايت ڪئي هئي، ڇو ته پاڪستان ڪجهه صوبن جو نالو نه پر نظريو ۽ عقيدتي جو نالو آهي جنهن لاءِ هڪ ڀيرو نه پر هڪ لک ڀيرا شهادت لاءِ تيار آهيون، علي حسن مجاهد کي ڦاهي کان اڳ رحم جي اپيل ڪرڻ لاءِ چيو پر هن ظالمن ۽ انڊيا جي ايجنٽ حسينا واجد کي رحم جي اپيل ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ پاڪستان جي سرزمين لاءِ بنگلاديش جي سرزمين جي شهادت ماڻي قرباني ڏني ۽ اهو ثابت ڪيو ته پاڪستان لاءِ جيئڻ مرڻ ۽ رت پيش ڪرڻ جنت جي ضمانت آهي پر افسوس آهي ته بنگلاديش ۽ سرينگر ۾ پاڪستان لاءِ قربانيون ڏنيون پيو وڃن پر اسان جو وزيراعظم نواز شريف اسلامي پاڪستان بدران لبرل پاڪستان جي بنياد وجهڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، اسان ان کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته جيڪڏهن ان کي لبرل يا سيڪيولرزم پسند آهي ته هو هندستان جي نئين دهلي هليو وڃي، ڇو ته اسان جي ماڻهن سيڪيولرزم لاءِ پر اسلامي پاڪستان خاطر قربانيون ڏنيون آهن ۽ پاڪستان جي باني قائد اعظم قوم سان 114 دفعو واعدو ڪيو ته پاڪستان کي مدينه منوره وانگر مدينا ثاني بڻايو ويندو ۽ اسلامي رياست ۽ اسلامي حڪومت بڻجندي. اسان اعلان ڪيون ٿا ته اسلامي پاڪستان لاءِ پنهنجي جان ڏينداسين ۽ شهيدن جي خون سان غداري نه ڪنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *