اڄ وائيس چيئرمين جي ٽوپي پائي گهوٽڪي ويندس، بلاول کي لاڙڪاڻي ۾ جواب ڏيندس: شاھھ محمود قريشي

اسلام آباد (م.ڊ) شاهه محمود قريشي چيو آهي ته هينئر پرڏيهي وزير وزارت جي ٽوپي پائي ويٺو آهيان، سڀاڻي وائيس چيئرمين جي ٽوپي پائي گهوٽڪي ويندس ۽ بلاول کي لاڙڪاڻي ۾ جواب ڏيندس، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان ۽ پيوٽن وچ ۾ تفصيلي ملاقات ٿي، ملاقات ۾ افغانستان، والاريل ڪشمير ۽ خطي ۾ امن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، روس گوادر ۾ ايل اين جي ٽرمينل قائم ڪرڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو، هن چيو ته روسي صدر سان وزيراعظم جي ملاقات دوران يوڪرين مسئلي بابت پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪيو، هن چيو ته پاڪستان جو موقف رهيو آهي ته ٻن ملڪن جي جنگ ۾ سڀني جو نقصان ٿيندو آهي، يوڪرين مسئلي کي وڌيڪ خراب ٿيڻ کان بچائڻ جي ضرورت آهي ۽ اسان جي پهرئين ڏينهن کان ڪوشش رهي ته معاملو سفارتڪاري ذريعي حل ٿئي، شاهه محمود قريشي چيو ته سڀ کان وڌيڪ ڳالهيون افغانستان ۽ ڏکڻ ايشيا تي ٿيون، صدر پيوٽن سان ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن جو جائزو ورتو ويو، پاڪستان ۽ روس وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۾ بهتري آئي آهي، توانائي واري وزير سان به ملاقات ٿي، اتر-ڏکڻ گئس تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، پائيپ لائين، روس کان گئس جي خريداري تي ڳالهه ٻولهه ٿي، روس گوادر ۾ ايل اين جي ٽرمينل قائم ڪرڻ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *