اڄ خبر پئي ته هي ادارا ڪهڙو ڪم ڪندا آهن، چيف جسٽس کي ساهيوال سانحي جو نوٽيس وٺڻ گهرجي: سراج الحق

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته سمورو ملڪ ساهيوال واقعي تي ڏکويل آهي، اڄ خبر پئي ته هي ادارا ڪهڙو ڪم ڪندا آهن، قوم بي گناهه شهرين جي قتل تي پريشان آهي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته  ڪجهه ڪلاڪن دوران حڪومت 6، 7 بيان تبديل ڪيا، حڪومت جو موقف آهي ته شهيد ماڻهن جو تعلق دهشتگردن سان هو،  چيف جسٽس کي درخواست آهي ته معاملي جي پاڻ جاچ ڪرائي وڃي، واقعي کي بنياد بڻائي شهرين جي حفاظت يقيني بڻائي وڃي.  هن چيو ته حڪومت کي ساهيوال واقعي جو جواب ڏيڻو  پوندو هي ڪو سياسي نه پر انساني مسئلو آهي، اسان حڪومتي قدمن جي مذمت ڪيون ٿا. سراج الحق چيو ته سي ٽي ڊي کي ڪنهن قتل جو لائسنس ڏنو آهي، جيڪڏهن اهو ئي ڪم ڪرڻو آهي ته عدالت کي تالا هنيا وڃن.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *