“اڃا ڪيتري بي عزتي ڪريان” ڪنگنا کي “جهيڙاڪ” تي رنگولي جو هرتيڪ کي جواب

 

ممبئي (شوبز نيوز) ڪنگنا رناوت جي ڀيڻ رنگولي چينڊل اڪثر پنهنجي تڪراري ٽويٽس سبب خبرن جي زينت بڻيل رهي ٿي. ڪنگنا ۽ هرتيڪ جا لاڳاپا گذري سالن کان خراب هلي رهيا آهن، ٻئي اڪثر ننڍين ننڍين ڳالهين تي سوشل ميڊيا تي هڪ ٻئي سان وڙهندا رهن ٿا جنهن ۾ سڀ کان وڏو ڪردار رنگولي جو هوندو آهي جيڪا بنا لحاظ جي ڳالهائڻ کان ناهي مڙندي. هرتيڪ روشن پنهنجي هڪ پيغام ۾ ڪنگنا کي “جهيڙاڪ” چيو هو جيڪو کيس مهانگو پئجي ويو. هرتيڪ جي ٽويٽ ڪرڻ جي دير هئي، رنگولي چينڊل فوري کيس جواب ڏنو ۽ اهڙيون ڳالهيون ڪيون جو سڀ حيران ٿي ويا. رنگولي جو ٽويٽ ڪندي چوڻ هو ته “هي ڏسو وري شروع ٿي ويو، بي عزتي جي عادت ٿي وئي اٿس، مون وٽ بي عزتي جو ڪو ڊوز ڪونهي، هل نڪر هتان“ رنگولي جي اهڙي ٽويٽ تي کيس تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *