اڀرندي سرحد تي نظر آهي، هر طرح جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون: پاڪ فوج

اسلام آباد/پشاور(اي پي پي)آرمي چيف جنرل راحيل شريف جرمني مان واپسيءَ تي پشاور ۾ هڪ اعليٰ سطح جي اجلاس جي صدارت ئي. پي ٽي وي مطابق جنهن ۾ ملڪ جي مجموعي سيڪيورٽي ڪنٽرول لائن ۽ اوڀر پاسي ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف صدارت ۾ عسڪري اڳواڻن جو اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو، صدارت ۾ عسڪري اڳواڻن جو اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ڪور ڪمانڊر پشاور جنرل هدايت الله خان، ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر ڊي جي آءِ ايس پي آر عاصم باجوا ۽ پاڪ فوج جي ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. آرمي چيف کي سيڪيورٽي صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي ان اجلاس ۾ آپريشن ضرب عضب ۽ آپريشن خيبر ٿري ۽ ڪنٽرول لائن جو جائزو ورتو ويو. آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل عاصم سليم باجوا چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز اوڀرندي سرحد تي ڪڙي نظر رکيون رهيون آهن ۽ ڪنهن به قسم جي اڳرائيءَ جو جواب ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار آهيون. ڪرسچن ڪالوني ورسڪ روڊ تي حملو ڪندڙ دهشتگردن جي سهولتڪارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. اڱاري ڏينهن آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي صدارت هيٺ آپريشن ۽ سيڪيورٽي صورتحال جي حوالي سان منعقد ٿيل جائزه اجلاس کانپوءِ آفيسر بيس پشاور ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي جنرل عاصم سليم باجوا چيو ته ڪرسچن ڪالوني حملي جي چئن سهولت ڪارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. هن چيو ته حملي جي رٿابندي افغانستان ۾ ڪئي وئي هئي ۽ گرفتار ڪيل سهولت ڪارن دهشتگردن کي ڪرسچن ڪالوني ۾ پهچڻ ۾ مدد ڏني هئي. هن چيو ته دهشتگردن جو هڪ ساٿي افغانستان ۾ ڪٿي روپوش آهي. هن ٻُڌايو ته مردان جي عدالت تي حملي جي سلسلي ۾ 3 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي جن وٽان 3 خودڪش جئڪيٽ پڻ هٿ آيون آهن جن کي مردان پوليس لائنز ۽ نيشنل بئنڪ تي حملي دوران استعمال ڪرڻ جي رٿابندي ڪئي وئي هئي. هن چيو ته گرفتار ٿيل سمورن ماڻهن حملي آورن کي پنهنجي ٽارگيٽ تائين پهچڻ ۾ مدد فراهم ڪئي هئي. هن اهو به ٻُڌايو ته دهشتگرديءَ جي ڪاررواين ۾ ملوث عورتن کي پڻ گرفتار ڪيو ويو آهي جن کي قانون مطابق سزا ڏني ويندي. هن چيو ته پشاور ۽ فاٽا ۾ انٽيليجنس رپورٽس جي بنياد تي 1470 آپريشن ڪيا ويا آهن جنهن جي ڪري امن امان جي مجموعي صورتحال ۾ بهتري آئي آهي. هن چيو ته مستقبل ۾ وڌيڪ مربوط ۽ بامقصد آپريشن ڪيا ويندا، ضرب عضب ۽ خيبر ٿري آپريشن ڪاميابيءَ سان مڪمل ڪيا ويا آهن ۽ راجگال جو پهاڙي سلسلو ڪليئر ڪيو ويو آهي. هن چيو ته سمورن هنڌن تي سيڪيورٽي فورسز جا جوان سرحد ۽ علائقي جي نگرانيءَ تي مقرر ڪيا ويا آهن. هن چيو ته ٽي ڊي پيز جي پنهنجي گهرن ڏانهن واپسيءَ وارو سلسلو 76 سيڪڙو مڪمل ٿي ويو آهي ۽ لاڳاپيل ادارن جي سهڪار سان سندن ضروري امداد ڪئي پئي وڃي. پهرين جولاءِ 2016ع کان هيستائين خيبر پختونخوا ۽ فاٽا ۾ دهشتگرديءَ جون 14 ڪارروايون ناڪام بڻايون ويون آهن. سرحد تي انتظام کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ جيڪڏهن افغانستان ان حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪري ته حالتن ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. هن چيو ته نيون چيڪ پوسٽون پڻ قائم ڪيون ويون آهن جن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سرحدن تي حالتون بهتر ٿينديون. هن چيو ته اڀرندي سرحد تي سيڪيورٽي فورسز جي نظر آهي ۽ ڪنهن به قسم جي جارحيت جو جواب ڏيڻ لاءِ فورسز تيار آهن. هن عوام کي پڻ اپيل ڪئي ته اهي پنهنجي لاڳاپيل علائقن ۾ پنهنجي آس پاس ڪڙي نظر رکن ۽ ڪنهن به شڪي شخص جي موجودگيءَ جو اطلاع لاڳاپيل ٿاڻي تي ڏين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *