
راولپنڊي (اين اين آءِ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته اپوزيشن ڪجهه نٿي ڪري سگهي وزيراعظم عمران خان چورن ۽ ڦورن کي شڪست ڏئي ڇڏيندو اڱاري تي فاطمه جناح يونيورسٽي ۾ عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي مناسبت سان هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته فاطمه جناح وومين يونيورسٽي 90 جي ڏهاڪي ۾ منهنجي ڪوششن سان قائم ٿي مان راولپنڊي جي هن تڪ ۾ 2 وڌيڪ يونيورسٽيون ٺاهيون هن چيو ته راولپنڊي جي تعليم جي لحاظ کان ڪافي اڳتي آهي مان پنڊي ۾ 60 جي لڳ ڀڳ تعليمي ادارا ٺاهي سڀ عورتن جي تعليم لاءِ هئا هن وزيراعظم کي درخواست ڪئي ته چيف منسٽر هائوس، ڪمشنر هائوس سميت اهم سرڪاري عمارتون تعليمي مقصد لاءِ ڏنيون وڃن گهرو وزير لال حويلي کي به تعليمي مقصدن لاءِ ڏيڻ جو اعلان ڪيو هن وزيراعطم کي مخاطب ٿيندي چيو ته عزتن جا فيصلا خدا وٽ آهن اپوزيشن ڪجهه نٿي ڪري سگهي.