اپوزيشن ٻڌائي ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل 60 کان 95 ڊالرن تي پهچي وڃي ته حڪومت اگهه ڪيئن نه وڌائي؟ : فواد چوڌري

اسلام آباد (م.ڊ) سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌري پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ تي تنقيد ڪندڙ اپوزيشن کان قيمتن ۾ گهٽتائي جي تجويز طلب ڪري ورتي آهي. ٻه ڏينهن اڳ وفاقي حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڏو اضافو ڪيو هو جنهن تي اپوزيشن سميت حڪومت جي اتحادين به خدشن جو اظهار ڪندي قيمتون واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو هو. ان حوالي سان فواد چوڌري چيو آهي ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پيٽروليم شين جون قيمتون وڌيون آهن. جڏهن ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير شبلي فراز به عوام کي پيٽرول گهٽ کان گهٽ استعمال ڪرڻ جو مشورو ڏنو هو. فواد چوڌري سوشل ميڊيا تي چيو آهي ته اپوزيشن پارٽيون پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ تي تنقيد ڪري رهيون آهن پر ڪنهن به تنقيد جو اهم پهلو اهو هوندو آهي ته اوهان ان جو متبادل ٻڌايو. وفاقي وزير وڌيڪ لکيو آهي ته اپوزيشن پاڻ ٻڌائي ته عالمي منڊي ۾ تيل 60 ڊالر کان 95 ڊالر تائين پهچي وڃي ته حڪومت قيمتون ڪيئن نه وڌائي؟ ڪو جادو جو چراغ هجي ته اهو ٻڌايو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *