اپوزيشن ملڪي معيشت تي سياست بدران اقتصادي چارٽر تي حڪومت سان اتفاق ڪري: اسحاق ڊار

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي ۾ ناڻي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته اپوزيشن ملڪي معيشت تي سياست بدران اقتصادي چارٽر تي حڪومت سان اتفاق ڪري، حزب اختلاف کي گڏ وٺي هلڻ چاهيون ٿا، ان لاءِ سندن تمام سٺين تجويزن کي بجيٽ جو حصو بنايو آهي، اقتصادي راهداري منصوبو گيم چينجز بنجڻ وڃي رهيو آهي، اقتصادي راهداري تي پاڙيسري ملڪ واويلا ڪيو ته تڪراري علائقي تي بنايو پيو وڃي، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ڪي تڪراري علائقا ناهن پر اهي پاڪستانجو حصو آهن، تڪراري علائقو والاريل ڪشمير آهي. اسحاق ڊار قومي اسيمبلي ۾ فنانس بل 6 1 -5 1 0 2 ع جي منظوري بعد ايوان کي خطاب ڪري رهيو هو. هن قومي اسيمبلي سينيٽ ۽ پي ٽي وي ملازمن سميت بجيٽ ۾ ڊيوٽي ڏيندڙ سرڪاري ملازمن کي 3  اعزازي پگهارون ڏيڻ جو به اعلان ڪيو. هن چيو ته بجيٽ منظوري جي آئيني ذميداري پوري ڪرڻ تي پارليامينٽ ميمبرن جو شڪريو ادا ڪريان ٿو، اپوزيشن کي مس ڪيو، آپوزيشن ڪٽ ووشنز نه آڻڻ تي واڪ آئوٽ ڪيو، حالانڪه گذريل ڏينهن انهن پاڻ ئي ايوان جي ڪاروائي ۾ حصو نه ورتو، وفاقي وزير جي گهرائڻ تي به نه آيا، اڄ به پوري ڪوششن باوجود هو ايوان نه آيا، اپوزيشن معيشت کي پنهنجي سياست کان الڳ رکي ۽ چارٽر آف ايڪانامي جي اسان جي تجويز تي اڳتي وڌي معاشي بحالي جي ڪوشش ۾ حڪومت جو ساٿ ڏئي، اپوزيشن جي سمورين سٺين تجويزن کي بجيٽ جو حصو بنايو، اپوزيشن جي تجويزن تي عمل ڪندي مشروبات جي قيمتن ۾ ڏيڍ سيڪڙو گهٽتائي ڪئي، پولٽري تي ريگوليٽري ڊيوٽي 5  سيڪڙو واپس ورتي، جمهوريت جو حسن قومي مفاد جو تحفظ آهي، قومي مفادن جي تحفظ لاءِ اپوزيشن حڪومت کي گڏجي هلڻ کپي، پاڪستان جي تباهه حال معيشت کي پيرن تي بيهاري ڇڏيو، تمام عالمي مانيٽري ادارا اسان جي معاشي پاليسين جي واکاڻ ڪري رهيا آهن، ملڪ کي وڌيڪ ترقي ڏانهن وٺي وڃڻو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *