اپوزيشن سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي قائم، مهانگائي گهٽائڻ لاءِ وڏو پراجيڪٽ ايندو: وفاقي حڪومت

 اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته اپوزيشن سان ڳالهين جي لاءِ ڪميٽي جوڙي آهي وزيراعظم ڳالهين جي لاءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي ذميواري ڏني آهي. پي ٽي آءِ جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته اسان صوبائيت بدران قوم ۽ وفاق جي ڳالهه ڪندا آهيون، عمران خان گوادر کان گلگت بلتستان تائين سڄي ملڪ ۾ نمائندگي ڪندڙ آهي. فواد چوڌري چيو ته ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته اتفاق راءِ ٿي وڃي پوءِ گڏيل اجلاس سڏايون، اپوزيشن کي اسان جا چونڊ سڌارا پسند ناهن ته پنهنجا آڻن. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته ڪور ڪميٽي پارٽي ميمبرن کي اعتماد ۾ ورتو، ملڪ ۾ مهانگائي جو مسئلو ڪور ڪميٽي جو اهم ايجنڊا هو، اجلاس ۾ مهانگائي جي حل تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، مهانگائي تي ضابطي آڻڻ لاءِ وڏي پراجيڪٽ تي ڪم هلندڙ آهي. هن چيو ته دنيا ۾ ناڪاري واڌ جي باوجود پاڪستان ترقي طرف وڌي رهيو آهي، پيٽرول جي 26 سيڪڙو کپت وڌي وئي آهي، بجلي جي 13 سيڪڙو کپت وڌي آهي، پگهار دار طبقي کانسواءِ ڪيترائي سيڪٽر اهڙا آهن جتي آمدني ۾ واڌارو ٿيو آهي. صحافين سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته اجلاس ۾ سڀني اڳواڻن کي اعتماد ۾ورتو ويو، ڪور ڪميٽي وزيراعظم جي مختصرر نوٽيس تي سپريم ڪورٽ جي پيشي کي ساراهيو. سندس چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ عمران خان کي طلب ڪيو، اسان سُٺو سنئوڻ قرار ڏيون ٿا، نواز شريف کي جڏهن سپريم ڪورٽ طلب ڪيو ويو ته هو جٿي سان گڏ ويو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اهڙو نظام تجويز ڪري رهيا آهيون جنهن سان دانڌلي جي شڪايت نه ٿيندي. فواد چوڌري وڌيڪ چيو ته وزيراعظم چيو ته ٽيم جيئن کيڏي آهي ان کي ساراهيو وڃي، قوم پنهنجي ٽيم سان گڏ آهي. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته بلاول ڀُٽو کي لاڙڪاڻي جي گهٽين جي ئي خبر ناهي، اپوزيشن هڪٻئي جي ڪلهن تي پير رکي اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *