اپوزيشن حڪومت کي تبديل ڪرڻ جي پرڏيهي سازش ۾ شامل آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌسماءَواري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو اهي ته آئيني طور تي حڪومت جي تبديلي ۾ ڪوئي حرج نه آهي حڪومتجي تبديلي ۾ پرڏيهي سازش کي نطرانداز نٿو ڪري سگهجي سازش ۾ اپوزيشن جا سمورا ماڻهو ملوث نه آهي سازش ۾ سياسي ڪردارن کان علاوه ميڊيا جا ڪجهه ماڻهو به شامل آهن عمران خان آخري بال تائين مقابلو ڪندڙ رانديگر آهي مير جعفر ۽ مير صادق جهڙن ڪردارن سان ايسٽ انڊيا ڪمپني پنهنجا پير پختا ڪيا اسان ڪڏهن به ملڪي حاڪميت تي ڪائي سوديبازي نه ڪنداسين اسلام آباد ۾وفاقي وزير حماد اظهر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي فواد چوڌري چيو ته وزيراعطم جي سياسي ڪميٽي جي اجلاس ۾ مستقبل جو لائحه عمل جوڙيو ويو ۽ اسان 3 فيصلا ڪيا آهن هن چيو ته سڀ کان پهريان اعتراض جوڳا دستاويز ٻاهرين ملڪ مان پاڪستان کي فراهم ڪيا ويا جنهن۾ واضح طور تي حڪومت کي تبديل ڪرڻ جو اشارو ۽ ڌمڪي ڏني وئي. هن چيو ته دستاويز کي پهريان حڪومت جي قومي سلامتي ڪميٽي ۾ بحث لاءِ آندو ويو پارليمان جي سلامتي ڪميٽي جو ان ڪئيمرا اجلاس گهرايو ويو ۽ پوءِ وزيراعطم رات قوم کي خطاب ڪندو ۽ پوءِ سڀاڻي ان تي وڌيڪ اڳڀرائي ٿيندي هن چيو ته حڪومت کي آئيني طور تي تبديلرڪڻ تي ان ۾ ڪوئي حرج نه آهي پر هتي جنهن طريقي سان تبديلي جو ڊاول وڌو ويو پهريان اسان ڪجهه پارليماني ليڊرز کي گهرايو ۽ انهن کي چيو اچو ثبوت ڏسو پوءِ اسان اپوزيشن جي ليڊرز کي گهرايو 7 چيو ته اوهان ثبوت ڏسو هن چيو ته ان جو مسلسل بائيڪاٽ ان نطريي کي هٿي ڏي ٿو ته اپوزيشن جا چند مک اڳواڻ هن سازش ۾ ملوث آهن ۽ ٻاهران ڊڪٽيشن وٺي رهيا آهن هن چيو ته وزيراعظم کي هٽائڻ ان سڄي عمل جو هڪ بياندي عمل آهي جيڪڏهن هي رٿ پاڪستان مان اچي ها ته پوءِ اپوزيشن ليڊرز جو ڇا مسئلو هو جو هو ان ڪئميرا ۾ شريڪ ٿين ها ۽ اهي ثبوت پنهنجي اکين سان ڏسن ها جڏهن اوهان ثبوت ڏسڻ کان انڪاري آيو ته پوءِ هڪ ئي نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته هي اپوزيشن ليڊر ۽ اپوزيشن هن سازش ۾ ملوث آهن فواد چوڌري چيو ته هن سازش ۾ سموري اپوزيشن جا ماڻهو شامل نه آهي ٿي سگهي ٿو ته اسان جي کوڙ سارن اسيمبلي ميمبرن کي به نه خبر هجي تنهنڪري مان پنهنجي اسيمبلي ميمبرن جيڪي پي ٽي آئي مان هوڏانهن ويا آهن انهن کي چوڻ چاهيان ٿو ته پنهنجو فيصلو روڪي وٺو هن چيو ته هاڻي قومي سلامتي جو جيڪو اجلاس ٿي رهيو آهي ان ۾ اچو ۽ پاڻ دستاويز ڏسو جنهن جي بنياد تي اسان هي نتيجو ڪڍڻ تي مجبور آهيان ته عمران خان کي هٽائڻ جي سازش هڪ بين الاقوامي حڪومت جي خواهش تي ترتيب ڏني وئي هن چيو ته ان ۾ اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف جنهن جون ملاقاتون ڀارت جي ماڻهن، اسرائيل جي سفارتڪارن کان لڪل نه آهن فواد چوڌري چيو ته هي هڪ اهڙِ سازش آهي جنهن ۾ پاڪستان جي ميڊيا جا ڪجهه سينيئر ماڻهو به شامل آهن. هدايتون ڪٿان آيون پر سازش نوازشريف جي اپارٽمينٽ کان شروع ٿي ۽ هتي اچي ختم ٿي رهي آهي هن چيو ته اسان واضح ڪري چڪا آهيون ته عمران خان آخري بال تائين کيڏڻ وارو رانديگر آهي. اسان مان ڪنهن کي نه استيعفا جي توقع آهي نه استيعفا ڏيڻ جي ضرورت آهي هن چيو ته اسان آخري بال تائين کيڏنداسين هي راند پاڪستان جي عوام پاڪستان جي خودمختياري ۽ پاڪستان جي هڪ آزاد ملڪ هجڻ جي راند آهي هن چيوت ه جڏهن آزاد ملڪ هوندا آهن آزاد پرڏيهي پاليسي هوندي آهي ته ان جون قيمتون حڪومت ۽ انهن ماڻهن کي جيڪي آزاد اسٽينڊ وٺندا آهن انهن کي ڏيڻيون پونديون آهن هن چيو ته پاڪستان ۾هن کان اڳ صرف  ذوالفقارعلي ڀٽو جي دور ۾ هڪ محدود وقت لاءِ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ٿي هئي۽ ان کان پوءِ هڪ عمران خان جي دور ۾ هي پاليسي آزاد ٿي آهي هن چيو ته هتان جي مير جعفر ۽ مير صادق هن وقت هن سازش ۾ مصروف آهن جنهن سان هندستان کي غلام بڻايو ويو هو هتي ويٺل ڪجهه جوڪر هن سازش ۾ شريڪ آهن ۽ انهن عمران خان کي هٽائڻ جي عالمي سازش ۾ ڪردار ادا ڪيو آهي هن چيو ته اسان عمران خان جي اڳواڻي ۾ ڄمي بيٺا رهنداسين پوري تحريڪ انصاف رڪ جي ديوار وانگر بيهندي ان موقعي تي ڳالهائيندي حماد اظهر چيو ته هي جيڪو خط حڪومت کي مليو آهي اهو چيف جسٽس کي ڏيکارڻ جي آچ ڪئيوئي آهي ۽ وفاقي ڪابينه کي خلاصو ٻڌايو ويو آهي هن چيو ته هي خط پڙهڻ کان پوءِ واضح آهي ته پاڪستان ۾ حڪومت تبديل ڪرڻ جي ڪوشش باهرين طاقت طرفان ڪئي وئي آهي هن چيو ته جيڪو طور طريقو هن ٻاهرين قوت چيو اختيار ڪيو ويندو اهو ئي طريقو بعد ۾ اختيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ اڃا تائين اختيار به ڪئي وئي آهي هن چيو ته جيتوڻيڪ هن خط ۾ بي اعتمادي رٿ جي حوالي سان ذڪر ته ضرور آهي پر انوقت جڏهن اهو خط لکيو ويو هو ته ان وقت رٿ جمع نه ڪرائي وئي هئي حماد اظهر چيو ته ٻاهرين قوت ان تي به مطمئن آهي ته جيڪڏهن پاڪستان ۾ حڪومت تبديل ٿئي ٿي ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي تبديل ٿيندي مطلب ان جو ان پرڏيهي پاليسي تي هڪ ڪنٽرول واپس ايندو ان مان لڳي اهو ئي ٿو هن چيو ته هن خط سان اهو مطلب به نڪري ٿو ته وزيراعظم عمران خان جي دور ۾ ئي پاڪستان ۾ ڪافي عرصي کان پوءِ جيڪا خودمختيار پرڏيهي پاليسي آئي آهي ان جو ذميوار کيس سمجهون ٿا تحريڪ عدم اعتماد جي ذريعي جيڪڏهن حڪومت کي نٿو هٽايو وڃي ته پوءِ پاڪستان لاءِ ڏکيائيون پيدا ٿينديون هن چيو ته مان سمجهان ٿو ته هي پاڪستان جي اندرين معاملن ۾ مداخلت آهي ۽ حڪومت تبديل ڪرڻ جي ڪوشش به ڇئي سگهجي ٿو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *