اپوزيشن جي خيال ۾ امپائر نيوٽرل آهي، اسان وٽ اطلاع سٺا ناهن: شيخ رشيد

اسلام آباد (م.ڊ/اين اين آءِ) پارليامينٽ لاجز ۾ پوليس آپريشن تي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته اسان وٽ اطلاع سٺا ناهن. پارليامينٽ لاجز ۾ جميعت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) جي محافظ جٿي انصار الاسلام جي ڪارڪنن جي موجودگي تي اسلام آباد پوليس آپريشن ڪري ڪيتريون ئي گرفتاريون ڪيون آهن.ٻئي طرف  وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته شڪر آهي ته اپوزيشن هاڻي پاڻ چئي رهي آهي ته امپائر نيوٽرل آهي ۽ جڏهن هارائين ته ان تي قائم رهن ڪٿي ٿرڊ امپائر جو نئون کاتو نه کولي ڇڏين عدم اطمينان عمران خان لاءِ اطمينان واري رٿ بڻجندي اسپيڪر کي جڏهن وڻي اجلاس سڏائي عدم اطمينان تي ايم اين ايز اپوزيشن سان اپريل فول ملهائيندا پي ٽي آئي وڪامجي ويندڙ ۽ بڪواس ڪندڙ ماڻهن جو سياسي گهرائو ڪندي خميس تي هتي صحافين سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته 23 کان 30 مارچ جو هفتو اهم آهي مان هميشه کان چوان ٿو ته اپوزيشن پنهنجو شوق ڀلي پورو ڪري عمران خان کٽي رهيو آهي اسپيڪر وٽ نااهلي جا اختيار آهن 18هين ترميم ۾ سمورين سياسي پارٽين هارث ٽريڊنگ روڪڻ جو فيصلو ڪيو هو هن ٻڌايو ته 18هين ترميم ۾ هارث ٽريڊنگ کي روڪڻ لاءِ اسپيڪر کي اختيار ڏنا ويا هئا ۽ اسپيڪر جي اختيارن کي ڪوئي چئلينج نٿو ڪري سگهي بي اعتمادي رٿ لاءِ کين 172 ووٽ لازمي آڻڻا پوندا گهرو وزير چيو ته هن اپيل ڪئي ته پي ٽي آئي جا سمورا اسيمبلي ميمبر ووٽنگ واري ڏينهن اسيمبلي کان ٻاهر هوندا ۽ کٽڻ کان پوءِ اسان الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪنداسين شيخ رشيد چيو ته عمران خان ۽ احتساب جي خوف انهن ٽنهين کي گڏ ڪري ڇڏيو آهي اهي ٽئي هڪ ٻئي جي خلاف هئا اڄ جيڪي واڪ لڳي رهيا آهن مون کي يقين آهي ته انهن آڇن کي لت هنئي ويندي ۽ هي ماڻهو عوامي ۽ سياسي گهرائو ۽ احتساب جي دائري ۾ ايندا هن چيو ته بلاول جي ريلي مايوس ڪندڙ هئي. ريلي ۾ ماڻهن کان وڌيڪ اسان جي سيڪيورٽِ هئي پر ان جو اسلام آباد اچڻ سٺو ثابت ٿيو انهن عمران خان جي خلاف بي اعتمادي رٿ داخل ڪئي جيڪا عمران لاءِ اطمينان واري رٿ ثابت ٿيندي. هن چيو ته 23 ۽ 24 مارچ تي او آئي سي جي اجلاس سبب اسيمبلي جو اجلاس منعقد نٿو ٿي سگهي انشاءالله پهرين اپريل تي کين اپريل فول بڻايو ويندو هن چيو ته انهن ٽنهي پارٽين جو انجمن مفاد گڏيل پنهنجي ذات آهي ۽ عمران خان جو احتساب جو خوف آهي هاڻي اوهان چئي رهيا آهيو ته امپائر اڻ ڌريو آهي جڏهن اوهان هارائي وڃو تڏهن به اوهان کي چوڻو آهي ته امپائر نيوٽرل هو ڪنهن ٿرڊ امپائر جو نئون کاتي نه کولي ڇڏجو. ڪورين سفارتخاني بابت هڪ سوال جي جواب ۾ شيخ رشيد چيو ته اسان پوليس جي سفارتخاني ۾ زوري داخل ٿيڻ تي ان کان معافي گهري آهي ايئن نه ٿيڻ گهرجي ها اسان جو ڪم انهن سفارتخانن کي سيڪيورٽي ڏيڻ آهي عمران خان جي جلسي ۾ نيٽو جي خلاف خطاب بابت شيخ رشيد چيو ته ذوالفقارعلي ڀٽو پنهنجي جلسن ۾ عوام اڳيان پرڏيهي پاليسي رکندو هو عمران خان به ايئن ڪيو هن چيو ته سامراجي اپوزيشن جي سوچ آهي جڏهن ته پاڪستاني عوام جي اها سوچ نه آهي. اسان جي معيشت خراب ئي صحيح اسان سمورن عالمي طاقتن سان سٺا لاڳاپا رکڻ چاهيون ٿا اتحادين جي حوالي سان گهرو وزير ايم ڪيو ايم ۽ پير پاڳاري تي اعتماد جڏهن ته پنجاب جي سياست تي عدم اعتماد ظاهر ڪندي چيو ته پير پاڳاري سان مضبوط رشتو آهي جڏهن ته ايم ڪيو ايم سان به پراڻا لاڳاپا آهن هن چيو ته سمورين پوليس اسٽيشنز ۾ ڪئمرا لڳائڻ سان گڏ پوليس اهلڪارن کي ٽرانسپورٽ فراهم ڪئي آهي ڇو ته انهن دهشتگردي خلاف زبردست ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو آهي هن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته هن ڀيري ڪارڪردگي ۽ ايوارڊ ۾ اسان کي پهريون نمبر ڏنو وڃي هن چيو ته 12 مارچ تي اسان بلوچستان ۾ به وراثتي سرٽفيڪيٽ ڏئي رهيا آهيون اهڙي طرح آزاد ڪشمير ۾ به وراثتي سرٽيفڪيٽ ڏنا ويندا گهرو وزير ٻڌايو ته هو سنڌ جي ٻين شهرن ۾ 86 آئي ڊي ڪارڊ ۽ پاسپورٽس آفيسز جو افتتاح پاڻ ڪندو هن چيو ته هن ئي مهيني عمران خان اي پاسپورٽ افتتاح ڪندو، آن لائن ويزا فراهم ڪيا پيا وڃن اسان وٽ ڪوئي ويزا دير جو شڪار نه آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *