اپوزيشن جو ڳوڙ اين آر او لاءِ آهي، ڪجهه به ٿئي اين آر او نه ملندو: عمران خان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪمران ڪرپشن ڪندو آهي ته ملڪ ۽ قوم تباهه ٿي ويندي آهي، ڪنوينشن سينٽر اسلام آباد ۾ تحريڪ انصاف جي 23 هين يومِ تاسيس جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته تحريڪ انصاف جا 23 سال ٻڌائين ٿا ته جدوجهد ڪيئن ٿيندي آهي. هن چيو ته منهنجو سياست ۾ اچڻ دولت ڪمائڻ ناهي، منهنجو ويزن نظريهِ پاڪستان هو، جنهن جو مقصد ملڪ کي فلاحي رياست بڻائڻ هو، نظريه پاڪستان علامه اقبال ڏنو هو، جيڪو هن مديني جي رياست مان ورتو هو، هن چيو ته اسان به انهن اصولن تي هن رياست کي اڳتي وٺي هلنداسين ۽ پوءِ رياست تمام گهڻو اڳتي ويندي. وزيراعظم چيو ته 60 جي ڏهاڪي ۾ پاڪستاني حڪمران پرڏيهه ويندا هئا ته انهن جي عزت ڪئي ويندي هئي ور هاڻي اها عزت گهٽجي وڃڻ جو ڪارڻ اهو آهي جو حڪمرانن رڳو پنهنجي باري ۾ سوچڻ شروع ڪيو آهي، حڪمران ڪرپشن ڪندا آهن ته ملڪ ۽ قوم تباهه ٿي ويندي آهي. وزيراعظم اپوزيشن تي تنقيد ڪندي چيو ته اهي چون ٿا ته وڏي مهانگائي ٿي وئي آهي، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته مهانگائي آهي، اسان کي احساس به آهي ته ماڻهو پريشان آهن، وزيراعظم عمران خان چيو ته هڪ پاسي مولانا فضل الرحمان حڪومت خلاف تياري ڪري رهيو آهي ته ٻئي پاسي بلاول ڀٽو صاحب اسان جي خلاف ڳالهائي رهيو آهي، وزيراعظم چيو ته اپوزيشن وارا اسيمبلي ۾ گوڙ ڪندا آهن ۽ جمهوريت بچائڻ جون ڳالهيون ڪندا آهن، جمهوريت بچائڻ جو مطلب پنهنجي ڪرپشن بچائڻ آهي. اين آر او لاءِ اسيمبلي ۾ گوڙ ڪندا آهن، پر ڀل ڇا به ڪن، اسان انهن کي ڪنهن به صورت ۾ اين آر او نه ڏينداسين. هن چيو ته سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته شام جو ٽي وي تي عجيب شڪليون ٺاهي چوندا آهن ته پي ٽي آءِ هي ڪري ڇڏيو، هو ڪري ڇڏيو، عمران خان نواز ليگ تي تنقيد ڪندي چيو ته جڏهن شهبازشريف ويو ته 1100 ارب رپين جو خسارو ڇڏي ويو، عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر پنجاب جي وڏي وزير تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪندي چيو ته عثمان بوزدار ثابت ڪندو ته پنجاب ۾ هن کان بهتر ڪو به وڏو وزير ناهي آيو. وزيراعظم چيو ته ايگزون موبل ڪمپني جي ڊرلنگ ۾ 2 هفتا رهجي ويا آهن، مونکي يقين آهي ته سمنڊ مان گئس جو وڏو ذخيرو نڪرڻ وارو آهي ۽ ايگزون جي اندازي موجب جيڪڏهن گيس جو ذخيرو نڪتو ته ايندڙ 50 سالن تائين پاڪستان جو گئس جو مسئلو ختم ٿي ويندو. ٻئي پاسي وزيراعظم عمران خان پورهيتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي محنت ڪشن لاءِ ” احساس پروگرام “ جاري ڪرن جو اعلان ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته ان پروگرام تحت پورهيتن کي سماجي تحفظ فراهم ڪري سگهبو.وزيراعظم عمران خان مزدور ڏهاڙي تي جاري ڪيل پيغام ۾ شڪاگو جي پورهيتن جي تاريخي جدوجهد ۽ قربيانين تي کين ڀيٽا پيش ڪئي ۽ چيو ته شڪاگو جي محنت ڪشن پنهنجن بنيادي حقن ۽ سازگار وقت لاءِ تاريخي جدوجهد ڪئي، اڄوڪو ڏينهن سڄي دنيا جي پورهيتن لاءِ مشعل راهه آهي.عمران خان چيو ته نبي ڪريم صه اسان کي ميثاق مدنيا ڏنو جنهن تحت مثالي اسلامي رياست جو قيام عمل ۾ آيو، مديني ۾ اسلامي رياست جي بنياد قانون جي حڪمراني تي ٻڌل رهي، تحريڪ انصاف ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ جدوجهد ڪئي ۽ پي ٽي آءِ جي ان جدوجهد ۾ انصاف ۽ مساوات جي اصولن تي ٻڌل معاشري جي تصور جو احساس آهي.وزيراعظم چيو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت مزدرون جي عظمت جي يقين رکي ٿي، ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ پورهيتن جو اهم ڪردار  آهي،  ڪارڪنن ۽ سندن ڪٽنب جي   ڀلائي لاءِ هڪ منصوبي جي شروعات ڪري رهيا آهيون، اڄ کان اسان مزدورن لاءِ ” احساس پروگرام “ جي شروعات ڪري رهيا آهيون، اهو پروگرام غربت جي خاتمي جي حوالي سان حڪومت پاران اهم قدم هوندو. وزيراعظم عمران خان وڌيڪ چيو آهي ته هن پروگرام تحت عام پورهيتن کي تحفظ فراهم ڪري سگهبو، احساس پروگرام تحت ۽ سمنڊ پار پاڪستاني پورهيتن لاءِ به قدم کنيا ويندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *