اپوزيشن جو او جي ڊي سي ايل جي خانگائڻ ۽ مزدورن تي تشدد خلاف پارليامينٽ هائوس ٻاهران احتجاج ، ڌرڻو

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي ۾ گڏيل آپوزيشن جو او جي ڊي سي ايل جي خانگائڻ، مزدورن تي تشدد، گرفتارين خلاف ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي جمعي تي ٻئي ڏينهن به پارليامينٽ هائوس ٻاهران گيٽ سامهون احتجاجي ڌرڻو، ڌرڻي ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي، جماعت اسلامي ۽ عوامي نيشنل پارٽي سميت ٻيون پارٽيون شامل، ڌرڻي جي شريڪ مرد توڙي عورتن هٿن ۾ پلي ڪارڊز ٿامي رکيا هئا جن تي خانگائڻ نامنظور، مزدور دشمن پاليسي نا منظور ۽ لٺ گولي جي سرڪار نه هلندي جا نعرا لکيل هئا، آپوزيشن پارٽين جي ميمبرن جي حڪومت خلاف سخت تنقيد، پارليامينٽ هائوس ٻاهران اسان نٿا مڃون ظلم جا ضابطا، منشاگردي نه هلندي، نثار هٽايو سرڪار بچايو، ظالمو جواب ڏيو خون جو حساب ڏيو جا نعرا وڏي واڪي لڳائيندا رهيا، پارليامينٽ هائوس جي ٻاهر ۽ ڊي چوڪ ۾ پاڪستان عوامي تحريڪ ۽ تحريڪ انصاف جي ڌرڻن جي پارليامينٽ ۾ سخت مخالفت ڪندڙ تمام سياسي پارٽين طرفان ڏنل ڌرڻي سان دلچسپ صورتحال پيدا ٿي وئي، ڌرڻي جي شريڪ ٿيلن کي خطاب ڪندي پيپلزپارٽي جي اڳواڻ نفيسه شاهه ۽ شازيا مري چيو ته موجودهه حڪومت آءِ ايم ايف سان معاهدي تحت منعافو ڏيندڙ ادارن جي خانگائڻ جو عمل شروع ڪري ڇڏيو، جنهن سامهون پيپلزپارٽي هڪ مضبوط ديوار بڻجي بيهي رهندي کين مزدورن تي ظلم نه ڪرڻ ڏينداسين، حڪومت کي پنهنجي آمرڻا رويي کي تبديل ڪرڻو پوندو، پيپلزپارٽي هميشه مزدور، هارين ۽ غريب طبقي جي نمائندگي ڪئي آهي. هنن چيو ته او جي ڊي سي ايل جي مزدورن تي تشدد ڪرائي حڪومت رياستي دهشتگردي ڪئي آهي، جيڪا قابل مذمت آهي. هنن چيو ته پيپلزپارٽي شاهد خاقان عباسي ۽ احسن اقبال جي آڊٽ کي نٿي مڃي، هنن چيو ته حڪومت ڏنڊي سان ڀرپور ڌرڻو ڏيندڙن کي برداشت ڪري ورتو جن دفعه 4 4 1 کي به ليڙون ليڙون ڪيو ۽ پارليامينٽ تي به قبضو ڪيو هو پر حڪومت مزدورن کي برداشت نه ڪري رهي آهي. هن چيو ته پيپلزپارٽي خانگائڻ جي سخت مخالفت ڪندي رهندي، او جي ڊي سي ايل جو حشر به يو بي ايل، پي ٽي سي ايل جهڙو ٿيندو. جماعت اسلامي جي اڳواڻ صاحبزادي طارق الله چيو ته اڄ تائين جيترن به ادارن کي خانگايو ويو آهي انهن جو حشر پوري قوم سامهون آهي خانگائڻ وارو عمل ملڪ ۽ قوم لاءِ بهتر نه آهي، اهو آءِ ايم ايف جو ايجنڊو آهي انهن ادارن کي خانگايو وڃي جيڪي منعافو ڏيندڙ نه آهن جيڪي منعافو ڏئي رهيا آهن انهن کي خانگائڻ نه گهرجي. هن چيو ته پارليامينٽ تي 2 مهينا جن قبضو ڪري رکيو هو حڪومت انهن جو ڪجهه نه بگاڙيو مزدورن پنهنجي حقن لاءِ آواز حق بلند ڪيو ته مٿن وحشياڻو تشدد ڪيو ويو جنهن جي جيتري مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي. عوامي نيشنل پارٽي جي اڳواڻ غلام احمد بلور خطاب ڪندي چيو ته جن پاڪستان ٽيليويزن ۽ پارليامينٽ تي قبضو ڪيو هو حڪومت انهن کي ڪجهه نه چيو آهي ۽ مزدورن تي وحشياڻو تشدد ڪرائي ڇڏيو ۽ سندن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪري کين جيلن ۾ اُڇلي ڇڏيو آهي اهو حڪومت جو ٻٽو معيار آهي. هن چيو ته عوامي نيشنل پارٽي خانگائڻ جي سخت مخالفت ڪندي رهندي، آءِ ايم ايف جي ايجنڊي تحت خانگايو پيو وڃي، ملڪ جي منعافو ڏيندڙ ادارن جو خانگائڻ روڪيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *