اپوزيشن جا رنگ پسٽن ختم آھن، بدنصيب انسان نواز شريف جعلي رپورٽن تي ٻاهر رهڻ چاهي ٿو: شيخ رشيد

اسلام آباد: (م.ڊ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته نوازشريف اهو بدنصيب انسان آهي جيڪو پنهنجي ڪوڙي رپورٽ جي آڌار تي ٻاهر رهڻ چاهي ٿو. دنيا ۾ ڪوبه اهڙو اڳواڻ ناهي جيڪو پنهنجي ملڪ مان ڀڄي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي گهرو وزير شيخ رشيد چيو ته نوازشريف جي رپورٽ تي ڳالهيون ٿي رهيون آهن. هو ماڻهن کي بيماري ذريعي ڌوڪو ڏيڻ چاهي ٿو. دنيا ۾ ڪوبه اهڙو اڳواڻ ناهي جيڪو پنهنجي ملڪ مان ڀڄي. هي چون ٿا ته نوازشريف ڪورونا سبب علاج نه پيو ڪرائي، پر هي احتجاج جي لاءِ ماڻهن کي اسلام آباد گهرائي رهيا آهن. شيخ رشيد چيو ته اپوزيشن وڏي شوق سان پنهنجو شوق پورو ڪري، اپوزيشن جي ترن ۾ تيل ناهي، هنن جا رنگ پسٽن ويٺل آهن. عمران خان جي خوشنصيبي اها آهي ته کيس ٿڪل اپوزيشن ملي. مولانا فضل الرحمان کي مارچ جو وڏو شوق آهي. مولانا ته عمران خان کي اشرف غني سان ملائيندو آهي ۽ هن وزيراعظم کي طالبان خان به چورايو.، جڏهن ته عمران خان افغانستان جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو، عمران خان اهو واحد ماڻهو آهي جيڪو افغانستان ۾ ٿيندڙ معاملن تي آواز اٿاري رهيو آهي. صدارتي نظام تي ڳالهائيندي گهرو وزير چيو ته ڪوبه صدارتي نظام نه پيو اچي، نه ڪا ايمرجنسي لڳي رهي آهي ۽ نه ئي ڪا عدم اعتماد جي تحريڪ اچي رهي آهي. حڪومت جي ساڍن ٽن سالن دوران ڪوبه اهڙو بل ناهي جنهن ۾ حڪومت کي سوڀ ملي هجي. مان هن وزارت مان تمام گهڻو خوش آهيان، ٻئي ڪنهن وزارت جي حوالي سان مون کي ڪجهه ناهي چيو ويو. آءِ ايم ايف وٽ ڪير به خوشي سان ناهي ويندو مجبوريون کڻي وينديون آهن. عمران خان پهريون وزيراعظم ناهي جيڪو آءِ ايم ايف وٽ ويو، پاڪستان 23 ڀيرا آءِ ايم ايف وٽ وڃي چڪو آهي. وفاقي وزير چيو ته پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي دهشتگرد حملن ۾ اضافو ڪيو آهي، اسان چئني صوبن جي آءِ جيز کي الرٽ رهڻ جو چيو آهي ۽ لاڳاپيل کاتن کي سيڪيورٽي صورتحال تي نظر رکڻ جو چيو آهي. امان امان جي صورتحال لاءِ به الرٽ رهڻ جي ضرورت آهي. ٽي ٽي پي جا مطالبا مڃڻ جهڙا نه هئا. هنن سان ڪي به ڳالهيون نه پيون ٿين. شيخ رشيد چيو ته ڪابه ڊيل نه پئي ٿي ۽ نه ئي وري ڍر ڏني پئي وڃي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *