اپوزيشن اسان سان گڏجي جمهوريت کي اڳتي وڌائي: عابد شيرعلي

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو آهي ته آزاد ڪشمير جي ٽن ميڊيڪل ڪاليجن سميت 12 ڪاليجن ۾ مقرر معيار جو فقدان آهي جمعي تي سوالن جي وقفي ۾ شيخ صلاح الدين جي سوال جي جواب ۾ پارليماني سيڪريٽري چيو ته حڪومت پي ايم ڊي سي ۾ نيون چونڊون ڪرائڻ گهري ٿي ڇو ته اسان به سمجهون ٿا ته اتي صحيح نموني ڪم نه پيو ٿئي نعيمه ڪشور خان جي سوال جي جواب ۾ پارليماني سيڪريٽري چيو ته ڪيترائي ڪاليج اهڙا آهن جيڪي مقرر معيار جي ابتڙ رجسٽرڊ ڪيا ويا حڪومت 100 جي لڳ ڀڳ اهڙن ڪاليجن کي مقرر معيار پورو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ڊاڪٽر نثار احمد جٽ جي سوال جي جواب ۾ پارليماني سيڪريٽري ڊاڪٽر درشن چيو ته پي ايم ڊي سي ۾ نئين اليڪشن لاءِ قانوني ڪارروائي ڪئي پئي وڃي ۽ جلد حالتون بهتر ٿي وينديون صارفين سان بجلي جي واڌو بل جي حوالي سان مزمل قريشي جي سوال جي جواب ۾ وزير مملڪت چيو ته وزيراعظم ۽ وفاقي ڪابينه اوور بلنگ جو نوٽيس ورتو جنهن کان پوءِ آڊٽ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ وزيراعظم رپورٽ ڪابينه ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي هن چيو ته سليب ختم ڪرڻ سان مسئلو ٿيو جيڪو اوور بلنگ ٿي ان کي ايڊجسٽ ڪيو پيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *