اپوزيشن احتجاج جو سڏ ڇو پئي ڏيئي؟، اهڙي سياست جو فائدو ڪنهن کي ٿيندو: فواد چوڌري

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌسماءَ جي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پيپلزپارٽي ۽ (ن) ليگ معيشت جو جيڪو حشر ڪيو ان جي نتيجي ۾ معاشي تڪليفون ڏسڻيون پيون هڪ ڊگهي انتظار کان پوءِ معاشي پاليسين جا هاڪاري نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آهن، ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 4 هزار ارب رپين کان وڌيڪ ٽيڪس گڏ ٿي اسٽاڪ مارڪيٽ 27 مئي تي 2.21 ارب شيئرز جي خريد ۽ وڪرو سان نئون رڪارڊ قائم ڪيو پنهنجي بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته ٻاهرين ملڪ پاڪستانين معيشت کي پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي ان ڪوشش ۾ ڀرپور حصو وڌو ۽ هڪ هزار ارب رپيا پاڪستان موڪليا. هن چيو ته ڪڻڪ، چانور، ڪمند ۽ مڪئي جا تاريخي فصل لٿا زرعي معيشت ۾ 1100 ارب رپيا منتقل ٿيا چوڌري فواد حسين چيو ته ان سان هارين جي خريداري واري قوت ۾ اضافو ٿيو 64 سيڪڙو وڌيڪ وڪرو ٿيا ڀاڻ ۽ زرعي دوائن جي استعمال ۾ واڌ ٿي هن چيو ته اسٽاڪ مارڪيٽ 27 مئي تي 2.21 ارب شيئرز جي خريد ۽ وڪرو سان نئون رڪارڊ قائم ڪيو هن وقت پاڪستان جي مارڪيٽ دنيا جي بهترين مارڪيٽ آهي چوڌري فواد چيو ته سوال اهو آهي ته ڇا هن وقت جڏهن معيشت سگهاري ٿي رهي آهي ۽ عام ماڻهو جي حالت تبديل ٿي رهي آهي اپوزيشن احتجاج جو سڏ ڇو ڏيئي رهي آهي اهڙي سياست جو فائدو ڪنهن کي ٿيندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *