اپر دير ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن، ميجر سميت ۴ جوان شهيد

اسلام آباد/راولپنڊي (اين اين آءِ/م.ڊ)  اپر دير ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن دوران پاڪ فوج جي ميجر سميت ۴ جوان شهيد ٿي ويا، پاڪ فوج جي عوامي رابطن واري اداري (آءِ ايس پي آر) موجب دهشتگردن جي خلاف اپردير جي علائقي تيمر گره ۾ آپريشن دوران ڳجهن ادارن جي ميجر سلمان سميت ۴ جوان شهيد ٿي ويا، آءِ ايس پي آر موجب ڳجهي اداري جي ميجر علي سلمان پنهنجي ٽيم سان گڏ تمر گره ۾ آپريشن ڪري رهيو هو ته شهيد ٿي ويو، جڏهن ته ميجر سان گڏ حولدار غلام نذير، حولدار اختار ۽ سپاهي عبدالڪريم شامل هئا، آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن خلاف گذريل رات شيروٽ ڪئي ۾ ڳجهي اطلاع تي آپريشن شروع ڪيو ويو هو. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي تيمر گرهه ۾ ميجر علي سليمان سميت چار فوجي اهلڪارن جي شهادت تي گھري ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي جي خلاف جنگ درحقيقت خودمختيار قوم جي حيثيت سان اسانجي وجود  جي بقا جي جنگ آهي. اڱاري تي وزيراعظم آفيس مان جاري پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم چيو ته اسانجي بهادر فوج دهشتگردن کي وڏو  نقصان پهچايو آهي ۽ ان سان گڏڏگڏ بيمثال قربانيون پيش ڪيون آهن، هن چيو ته اسانجي هيروز جي رت جو هر ڦڙو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اسان پنهنجي ملڪ کي دهشتگرد ماڻهن کان پاڪ ڪرڻ لاءِ قوم جي حثيت سان گڏ آهيون، هن چيو ته اسانجي قانون نافض ڪندڙ ادارن کي اهڙا بزدلاڻا حملا دهشتگردي جي خلاف اسانجي عزم کي ڪمزور نه ٿا ڪري سگھن. وزيراعظم الله تعاليٰ کان شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ وارثن جي لاءِصبر جي دعا ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *