ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ اٽي جي بحران تي ڪاوڙ ظاهر ڪندي چيو آهي ته اٽي جو بحران ڦرلٽ سبب ٿيو آهي. عدالت ڪڻڪ چوري ڪيس ۾ جوابدارن جون ضمانت واريون درخواستون سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ سکر منتقل ڪري ڇڏيون. سنڌ ۾ سرڪاري ڪڻڪ چوري ڪرڻ واري معاملي تي ٻڌڻيءَ دوران سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اٽي جي بحران تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. چيف جسٽس احمد علي شيخ ريمارڪس ڏيندي چيو ته ملڪ ۾ اٽي جو بحران ڦرلٽ جي نتيجي ۾ ٿيو آهي ۽ اهڙا ماڻهو ئي وڏين شخصيتن جي پٺڀرائي تي فائدو وٺندا آهن.
ٻڌڻيءَ دوران نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي آگاهي ڏني ته سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ڪڻڪ چوري ٿيڻ جي حوالي سان ريفرنس داخل ڪيو ويو آهي، جوابدارن ڪڻڪ چوري ڪري مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪئي هئي. عدالت ڪڻڪ چوري ڪيس ۾ جوابدار انيس الرحمان، موهن لال، ابراهيم ٿهيم ۽ ۽ ٻين جي ضمانت واري درخواست وارو مامرو سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ سکر منتقل ڪري ڇڏيو.